ليکڪ: وزيرعلي جمالي
”اسلاموفوبيا“ ڪنهن هڪ شخص جو نظريو ناهي، هيءَ هڪ اهڙو خوف آهي، جيڪو دنيا جي 2 ارب آبادي لاءِ باقي قومن جي دلين ۾ پيدا ڪيو ويو آهي، انساني تاريخ جي ورقن کي اُٿلائي ڏسبو ته اُهي ورق رت سان ڀريل ڏسڻ ۾ ايندا، ڪٿي انساني کوپڙين جا مينار، ڪٿي اجتماعي قبرون لڀنديون، انسان دنيا جو اهو واحد جانور آهي جيڪو پنهنجي ئي نسل جي خاتمي لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي، گڏو گڏ هي واحد مخلوق آهي جنهن کي ٻي ڪنهن مخلوق بدران پنهنجي ئي نسل هٿان خاتمي جو خوف وڪوڙيل آهي، ان جي هٿان هر ڏينهن دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن خطي ۾ قتل عام جا واقعا ٿيندا رهن ٿا. ڪميونزم جي شڪست کان پوءِ ڪيپيٽل ازم کي ”خلافت جو ڀوت“ ڊيڄارڻ لڳو، جنهن خلاف سموري مغرب ۾ زبردست پروپيگنڊا ڪئي وئي ۽ 2 ارب مسلمانن کي دهشتگرد، جنوني ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهڙي طرح سان ”اسلاموفوبيا“ جو بنياد پيو، پر اهو خوف عوام کي نه پر مغربي نظام ۽ ظلم واري ڍانچي کي هو. جديد دور ۾ مغرب ۽ اسلام جي ٽڪراءُ جا ڪيترائي سبب هئا، پهريون سبب يورپي حڪمرانن جي شدت پسندي هئي، 16 هين صدي ۾ عسڪري ۽ معاشي طور تي طاقتور هسپانوي، ولنديزي، برطانوي، فرانسيسي، اطالوي، پُرتگالي، روسي ۽ حال ۾ آمريڪي حڪمران طبقي مختلف اسلامي ملڪن تي قبضا ڪري انهن ملڪن جي مسلم آبادي تي وڏا ظلم ڪيا ۽ معدني وسيلن جي ڦرلُٽ ڪئي جيڪو عمل تاريخ جو ڪارو باب آهي. يورپ ۾ اسلام ۽ مسلمانن خلاف وڌنڌڙ تعصب، نفرت ۽ اسلاموفوبيا مذهبي توڙي ٻين انساني قدرن کي پائمال ڪري پنهنجون حدون پار ڪري چڪي آهي، ان جو تازو مثال ڪئنيڊا جي صوبي اونٽاريو جي شهر لنڊن ۾ ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن هڪ 20 سالن جي نوجوان يهودي شدت پسند ”نيٿانيل ويلٽ“پنهنجي گهر ٻاهران واڪ ڪندڙ پاڪستاني خاندان مٿان ٽرڪ چاڙهي چئن ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو، شهيد ٿيندڙن ۾ هڪ 48 سالن جو فزيوٿيراپسٽ سلمان افضل، ان جي 74 سالن جي امڙ، 44 سالن جي گهر واري مديحا سلمان ۽ 15 سالن جي ڌيءُ يمنى سلمان شامل آهن، جڏهن ته 9 سالن جو پُٽ شديد زخمي ٿي پيو جيڪو اسپتال ۾ موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي، جڏهن ته حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪئنيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ان واقعي کي دهشتگردي جو واقعو قرار ڏيندي اعلان ڪيو آهي ته ”اسان مسلمان ڪميونٽي سان هن ڏک ۽ مشڪل جي گهڙي ۾ گڏ آهيون، ڪئنيڊا ۾ اسلاموفوبيا لاءِ ڪابه جاءِ نه آهي، هي حادثو نه پر پاڪستاني خاندان کي منصوبابندي تحت قتل ڪيو ويو آهي، ان حملي جو سبب اُها نفرت آهي جيڪا بدقسمتي سان حملو ڪندڙ شخص جي دل ۾ موجود هئي، هاڻي گهڻو ٿيو، ان نفرت جي پاڙ پٽڻ جو وقت اچي ويو آهي، بنياد پرست گروپن جي خاتمي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ وقت جي ضرورت آهي، آن لائن ۽ آف لائن نفرت واري مُهم خلاف پنهنجي جنگ جاري رکنداسين“ شهر جي ميئر ان واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ”مسلمان خاندان کي هڪ سوچيل منصوبي تحت فقط مسلمان هئڻ جي ڪري ٽارگٽ ڪيو ويو آهي“ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جيڪو مسلسل اسلاموفوبيا خلاف آواز اُٿاريندو رهندو آهي هن ان واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ”دهشتگردي جي هيءَ ڪارروائي مغربي ملڪن ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا جي نشاندهي ڪري ٿو، عالمي برادري کي ان لعنت خلاف گڏيل ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، اسلاموفوبيا جي ڪري عالمي معاشرو وڌيڪ ورهست جو شڪار ٿي ويندو“ حقيقت اها آهي ته مغربي ملڪن ۾ اسلام ۽ مسلمانن بابت منفي ۽ غيرحقيقي منظرنامو توڙي پروپيگنڊا گذريل ٻن ڏهاڪن کان جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ پوري يورپ ۾ مسلمانن لاءِ زمين تنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن خلاف مسلم دنيا کي متحده ٿيڻو پوندو. نيشنل ڪونسل آف ڪئنيڊين مسلمس جي جاري ڪيل اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته ”ڪئنيڊا ۾ مسلمانن خلاف تشدد واريون ڪارروايون هاڻي عام ٿي چڪيون آهن، هي دهشتگرد حملو هو، جنهن کي اسلاموفوبيا جي آئيني ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي“ هن واقعي ۾ ٽي نسل متاثر ٿيا آهن، هن وقت مغرب ۾ جيڪو ڪجهه مسلمانن خلاف ٿي رهيو آهي اهو دهشتگردي جو بدترين مثال آهي، انڪري هاڻي پوري مسلم دنيا کي ان عمل خلاف ٻڌي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، مغرب جي منافقت ۽ ٻٽي پاليسي کي جيڪڏهن پرکڻو آهي ته يورپي پارليامينٽ جي تازي قرارداد کي ڏسو جنهن ۾ پاڪستان اندر اقليتن خلاف زيادتين جي پروپيگنڊا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته يورپي ملڪن اندر مسلمانن خلاف ٿيندڙ ڪارروايون مغربي حڪمرانن کي بنهه ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن، جرمني، فرانس، هالينڊ، بيلجيم ۽ ڊينمارڪ سميت مختلف مغربي ملڪن اندر مسلم عورتن جي پردي ۽ حجاب تي پابندي، مسلم نوجوانن لاءِ ڏاڙهي رکڻ تي پابندي، مسجدن جي تعمير ۽ مينارن تي پابندي توڙي تعليمي ادارن ۾ مسلم شاگردن خلاف نسلي فرق وارا قانون هاڻي ڪا نئين ڳالهه نه آهن، دهشتگردي ۽ اسلاموفوبيا جي ڪري اڄ فرانس ۾ عوامي هنڌن تي مسلمان عورتون حجاب ۽ برقعو پائي نٿيون وڃي سگهن، جيڪڏهن اهڙو عمل ڪن ٿيون ته کين گرفتاري ۽ سخت ڏنڊ ڀرڻو پوي ٿو، اهڙي طرح سان مسلم ڪميونٽي جي اسلامي لباس پائڻ تي به پابنديون لڳايون پيون وڃن، جڏهن ته ڪوبه اهڙو ڏينهن خالي ڪونه ٿو وڃي جڏهن مسلم ڪميونٽي خلاف نفرت جي بنياد تي حملا نه ڪيا ويندا هجن، ڪنهن به مسلمان ملڪ ۾ ڪنهن اقليتي گروهه خلاف ڪوبه تشدد جو واقعو ٿئي ته سمورو مغرب آسمان مٿي تي کڻي ٿو بيهي، پر فلسطين، ڪشمير، عراق، شام، افغانستان، برما ۽ ليبيا سميت مختلف ملڪن ۾ جارحيت جاري آهي، جتي اڄ مسلمانن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي ۽ انهن جو سڀ کان وڏو ڏوهه”مسلمان“ هئڻ ئي آهي، يورپ جتي اظهار جي آزادي کي فوقيت ڏني ويندي آهي، جتي پالتو گهريلو جانورن جي حقن جو به خيال رکيو ويندو آهي اڄ اُتي انسانن جو قتل عام فقط ان بنياد تي جاري آهي ڇو ته هوءَ ”ڪلمو پڙهندڙ مسلم آهن“ ڪئنيڊا ۾ مسلم خاندان جي چئن ماڻهن جو قتل فقط انفرادي عمل نه آهي پر مغرب ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا جي وڌندڙ خطرناڪ لهر جي عڪاسي ڪري ٿو، انڪري عالمي حقن جي تنظيمن ۽ عالمي ادارن کي ان حوالي سان موثر قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪڏهن ان نفرت جي طوفان کي اڄ نه روڪيو ويو ته اهڙا وڌيڪ سانحا رونما ٿي سگهن ٿا. هيءَ المناڪ واقعو مغرب ۾ منظم طريقي سان وڌندڙ اسلاموفوبيا جي نشاني آهي، اُميد آهي ته ڪئنيڊا حڪومت ۽ مقامي انتظاميا ان وحشياڻي عمل ۾ شريڪ شدت پسند ”نيٿانيل ويلٽ“ ۽ ان جي سهولتڪارن خلاف انصاف جي سڀني گهرجن کي پورو ڪندي کين سزائون ڏنيون وينديون ته جيئن اڳتي اهڙو عمل ٻيهر نه ورجايو وڃي، ڪئنيڊا سميت تمام مغربي ملڪن ۾ نسل پرستي جي بنياد تي مسلم ڪميونٽي خلاف جاري نفرت جي خاتمي ۽ سندن جان توڙي مال جي حفاظت ڪرڻ اتي جي حڪومتن جي ذميواري آهي، انڪري اهڙن نسل پرست گروهن خلاف گڏيل ڪارروائي وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان سمجهون ٿا ته هيءَ واقعو ڪئنيڊا جي حڪومت ۽ معاشري جو به امتحان آهي، انڪري جسٽن ٽروڊو ۽ سندس ڪابينا کي مسلم ڪميونٽي جي زخمن تي مرهم رکڻ گهرجي، نيوزيلينڊ ۾ ”بريٽن ٽرينٽ“ پاران ڪرائسٽ چرچ جي مسجد ۾ 50 کان وڌيڪ نمازين کي گولين جو کاڄ بڻائڻ وارو واقعو هجي يا وري ڊينمارڪ، فرانس، آمريڪا توڙي برطانيه ۾ مسلمانن خلاف تشدد جا مختلف واقعا هجن اُهي سڀ مغرب جي انصاف، قانون ۽ امن واري روين جي کليل ڀڃڪڙي ۽ ٻٽي معيار جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ سندن نظام تي وڏو سواليه نشان آهن، جيڪڏهن ان تي ضابطو نه آندو ويو ته ”اسلاموفوبيا“ جي نالي تي ٿيندڙ اها دهشتگردي سموري دنيا ۾ ڦهليل مسلمانن لاءِ تمام وڏي آفت ثابت ٿيندي، اسان کي اُميد آهي ته دنيا جون عالمي طاقتون، انساني حقن جا علمبردار اسلاموفوبيا جي لهر تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنجيده ڪوششون وٺندا.