221

تاريخ جو سچ شهيد محترمه بينظير ڀٽو….

ليکڪ: ميمونه سمون

سنڌ هميشه پنهنجي ڪک مان عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي، انهن مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ هڪ آهي، ھيءَ دنيا جي عظيم ۽ بهادر اڳواڻ ھئي، ھن کي اھو مان ۽ مرتبو انڪري به حاصل ھو جو ھن جو ان ضلعي سان تعلق ھو جنهن ۾ ھڪ تاريخي ماڳ آھي، جنهن جي ڪري سنڌ قوم سڃاتي وڃي ٿي، جنهن کي موھن جي دڙي سان سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو، ھن جيڪي به زندگي جا پل گذاريا اھي پنهنجي وطن ۽ ماروئڙن جي خوشحالي، سلامتي ۽ فڪر ۾ گهاري ڇڏيا، تاريخ جي بيرحم ماڻهن جڏھن ھن کان پنهنجو والد کسيو ته ھن پنهنجي جرئتمندي ۽ بهادري سان نه صرف پارٽي سنڀالي پر ڀٽي خاندان جي نالي ۽ نشان کي مٽائڻ نه ڏنو ۽ تاريخ جي ورقن ۾ شهادتن کي لکي ڇڏيو. وڏين وڏين تڪليفن باوجود به پنهنجي وطن جي مٽيءَ کي ڪين وساريو. والد ۽ ڀائرن جي وڇوڙي بعد ھن پنهنجي جستجو ڪڏھن ڪين ڇڏي ۽ ھر نئين اڀرندڙ سج ۾ ھن جا ارادا هماليه جبل کان وڌيڪ مضبوط بڻجي ويا ھئا. ھيءَ 1988ع ۾ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي وئي، انهيءَ دوران ھن ملڪ ۽ خاص ڪري پنهنجي سنڌ جي ماروئڙن لاءِ ڏاڍي بيتاب رھي ته جيئن سنڌ جا ماروئڙا سکيا ڏينهن ڏسي سگهن، محترمه شهيد بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع تي لاڙڪاڻي جي ھڪ ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي گهر ۾ اک کولي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو سراپا سچ ھئي، ھن ۾ صبر، بردباري، قرباني، جدوجهد ۽ بهادريءَ جي اهڃاڻ هئي، جنهن عوام جي دلين ۾ پنهنجي پيار جا اڻ کٽ نقش چٽي ڇڏيا، جيڪي قيامت تائين چٽيل رھندا، جيڪڏهن اسان ھن جي همه گير شخصيت جي ڀيٽ سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سورمين سان ڪنداسين ته هوءَ اسان کي مارئي جو مقدس روپ لڳندي، جيڪا مارئي پنهنجي وطن جي تشخص کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ۾ اڏول ٿي ويڙھه ڪندي نظر آئي، ھن جو ڪردار سسئي وانگر جبل ۽ جهر جهنگ جهاڳندي پنهنجي حق جي ويڙهه وڙهندي به نظر اچي ٿو، هِن سچي سورمي وطن ۽ ان جي ماڻهن سان عشق ڪرڻ جي سزا ۾ ڪيترائي جيل ڪاٽيا ۽ جلاوطن پڻ رهي. پر هُن پنهنجي عشق جي جذبي تان ڪڏھن به هٿ نه کنيو، هوءَ پنهنجي عظيم پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏسيل واٽ تي سدائين جدوجهد واري رستي جي مسافر رهي ۽ اڳتي هَلي پنهنجي مدبر  پيءُ وانگر هڪ اهڙي لازوال اڳواڻ ثابت ٿي، جيڪا ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجي سر جو سودو ڪرڻ لاءِ هر وقت ميدان عمل ۾ تيار رھندي ھئي. شهيد راڻي بينظير ڀٽو هڪ اهڙي عالمگير سطح جي رول ماڊل شخصيت هئي جنهن کي پوري دنيا ۾ ڪيتريون ئي عورتون پنهنجي آئيڊيل طور مڃينديون هُيون. هُن پنهنجي سياسي بصيرت، ڏاھپ ۽ بهادريءَ جي ڪري پوري دنيا ۾ مڃتا ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي، شهيد راڻي بينظير ڀٽو نه صرف هڪ ڪامياب بهادر اڳواڻ هئي پر هڪ محبت ڪندڙ ڌيءَ، ڀيڻ، زال ۽ ماءُ پڻ هئي. اهو ئي سبب هو جو هُن جو ڪرشماتي ڪردار سنڌ جي عورتن لاءِ نه صرف ڏڍَ جو سبب رهيو پر انهن جي شعور، فهم ۽ ادراڪ لاءِ پڻ حوصلا افزائي ۾ وڏي ۾ وڏو اھم ڪردار رهيو. هوءَ جڏهن به ڪنهن سياسي جلسي ۾ يا ڪنهن ملڪ يا سنڌ جي دوري تي نڪرندي ھئي ته اُتي موجود عورتن سان ملي انهن کي پنهنجي تعليم ۽ شعور کي وڌائڻ جي ترغيب ڏيندي هئي. هوءَ عورتن کي آزمائشن ۾ ثابت قدميءَ جو درس ڏيندي چوندي هئي  ته پنهنجي ڏکن کي پنهنجي ڪمزوري نه پر طاقت بڻايو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڏسيل واٽ تي ھلي پنهنجي منزل ۽ مقصد ماڻي ڪاميابي حاصل ڪريو. هُن ٻهراڙي جي عورتن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ  لاءِ پنهنجي حڪومتي دور ۾ انهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيترائي قابلِ تعريف ڪم ڪيا. هُن گڏيل قومن تائين سنڌ جي عورتن جو آواز پهچايو ۽ معاشي طرح سان عورتن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي بهترين قدم کنيا، جن مان ٻھراڙي جي عورت تما، گهڻو لاڀ حاصل ڪيو. محترمه شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وانگر هڪ اڏول عظيم اڳواڻ طور اُڀري سامهون آئي. اهو ئي سبب هو جو پاڪستان جو عوام هُن کي ٻه ڀيرا ملڪ جي وزيراعظم طور چونڊيو. يقينن هُن جي شهادت قوم جو وڏو نقصان آهي، ڇو ته اهڙا اڳواڻ صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هُن جي شخصيت هڪ سونهن مثل هئي. جنهن جي مدبراڻي سوچ جي پوئلڳي کي قوم پنهنجي بقا ۽ نجات جو ذريعو سمجهندي هئي. ھوءَ پنهنجي فڪر ۽ نظرين ۾ جيتري خوبصورت سوچ جي مالڪ هئي ظاهري شخصيت ۾ پڻ اوتري ئي حسين هئي. هوءَ لٽي، ڪپڙي ۽ ظاهري وظع قطع ۾ پڻ نفاست پسند هئي. هُن جي پُرڪشش شخصيت جي هڪ جهلڪ پسڻ خاطر ماڻهو جلسي گاهن ۾ ڪاهي پوندا هئا. ھن پنهنجي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي، تڏھن ته سنڌ جي هن سورميءَ نه صرف خوبصورت زندگي ماڻي پر پنهنجي لاءِ حسين موت جي پڻ چونڊ ڪئي، هوءَ مشرق جي نياڻي حقيقت ۾ پنهنجي تقدير بينظير جي بنيادن تي لکرائي آئي هئي. ڇو ته سنڌ جي هيءَ سورمي سقراط وانگر هميشه ماڻهن جي دلين ۾ هڪ امر ديومالائي ڪردار وانگر زندهه رهڻي ھئي ۽ آھي. ھن ھر ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ ساھه جي آخري پساھه تائين پنهنجي وطن جي ماڻهن سان سچائي ۽ ايمانداري سان نباھه ڪيو، اھو ئي سبب آھي جو اڄ به سموري سنڌ اندر ھر ماڻهو اھو ئي چئي رھيو آهي ته  اسان بينظير ڀٽو آھيون، اسان به پنهنجي وطن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ لاءِ پنهنجي وطن جي مٽيءَ تان قربان ٿيڻ آيا آھيون، اسان کي به سولي تي چاڙھيو يا گوليون ھڻو پر ھڪ پير به پوئتي نه ٿينداسين ۽ اھو چونداسين ”جيئي ڀٽو ۽ جيئي شهيد راڻي“ اسان هن جي نقش قدم تي ھلي سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري جا ھٿ مضبوط ڪري ھن ملڪ جو وزيراعظم بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري پنهنجي ماروئڙن تان ڏکيا ڏينهن ختم ڪري سک واري زندگي بصر ڪنداسين. اڄ سندس 68 ھين جنم ڏھاڙي تي پوري ملڪ ۾ سالگرھه ملهائي عظيم اڳواڻ کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي ۽ اھو وچن پڻ ورجايو ويندو ته هي سر توھان جي امانت آهن ۽ اھي ساڳيون امانتون توھان جي پٽ بلاول ڀٽو جي نالي ڪري رھيا آھيون ۽ زندگي جو ھر ھڪ لمحو وطن جي ماروئڙن جو توھان جي ھم شڪل ۽ مستقبل ۾ پاڪستان جي بڻجندڙ وزيراعظم بلاول جي نالي ڪري رھيا آھيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو