ليکڪ: غضنفر سولنگي
جيڪڏھن اسان سياست جو تاريخي حوالي سان جائزو وٺنداسين ته معلوم ٿيندو ته اھو نظريو سڀ کان پھريائين ھزارين سال اڳ يونان ۾ افلاطون ۽ ارسطو ڏنو ھو، انھيءَ ڪري اتي ھڪ ننڊڙو پليٽ فارم جڙيو ھو، جنھن کي اسان شھري رياست جي نالي سان ياد پيا ڪريون، انھي کي جوڙڻ ۾ افلاطون جي ڪتاب ۽ ارسطو جي ستن جلدن تي ٻڌل ڪتاب ڪافي مدد ڏني ھئي، ارسطو کي سياست ۾ ابي طور پڻ ياد ڪيو ويندو آھي، جمھوريت لفظ يوناني ٻولي جي لفظن ڊموس ۽ ڪريٽسين مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ عوام ذريعي حڪومت ڪرڻ آھي، ھن نظام ۾ عوام کي راءِ جي اظھار جو حق ھوندو آھي ۽ ان راءِ مطابق فيصلي جو بنياد اڪثريت تي ھوندو آھي، جمهوريت کي وڌائيندي ڪافي يورپ جي فلاسافرن پنھنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون ھيون، ھزارين ماڻھن جي لاشن جا کوڙا لڳايا ويا ڪيترن کي بک ۽ پيڙاءُ ۾ پيڙيو ويو، ڪيترن بادشاھن جو تاج اڏايو ويو ۽ ڪيترن کي گولين سان شھيد ڪيو ويو، صرف ۽ صرف انھي لاءِ ته جيئن جمهوريت جو سفر جاري نه رهي سگھي پر عوامي سگھه ھر محاذ تي آمرن کي شڪست ڏني آھي ۽ اڄ به دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ جمھوريت قائم آھي، اھو ذوالفقار علي ڀُٽو جو ھڪ نظريو ۽ پختو يقين ھو، جنھن جي بقا ۽ پايه تڪميل تي پھچائڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پنھنجو سڄو گھر اجڙي ويو پر پوءِ به ھو چپ ڪري نه ويٺا، پيءُ ۽ ٻن ڀائرن جي شھادت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ارادي کي اڃا به مضبوط ۽ پختو ڪري ڇڏيو ھو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڪي ۽ سياسي وارث شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي سڄي زندگي جمھوريت جي نالي ڪئي، ننڍڙي عمر ۾ يتيمي جو درد ۽ مارشل لا جو عذاب ڀوڳيو، اھي ڏک ۽ پيڙاءُ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي خيالن کي بدلائي نه سگھيا ھئا، جڏھن ته 27 ڊسمبر 2007 ع تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو ته دنيا جي امن پسند انسانن انھي کي جمھوريت جو قتل قرار ڏنو، محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي سڄي حياتي ڊڪٽيٽرن سان جنگ ڪندي گذري، ھن جي ڪوشش ھوندي ھئي ته ملڪ ۾ امن، پيار ۽ قانون جي حڪمراني ھجي، ڇاڪاڻ ته ھوءِ ڄاڻي پئي ته عوامي حڪومت ۽ جمھوريت ئي اھو واحد نظام حڪومت آھي. ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ لنڊن ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگرد يونين جي صدر چونڊجڻ تائين شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي اصولن ۾ جمھوريت کي شامل ڪري ڇڏيو ھو، ھوءَ پنھنجي انٽرويو ۾ چوندي ھئي ته ”جمھوريت ئي بھترين انتقام آهي“ اھو ئي نعرو پوءِ سندس پٽ بلاول ڀٽو زداري 30 ڊسمبر 2007 ع تي ھنيو ۽ ڪيترائي ڀيرا ساڳيو نعرو سندس ور آصف علي زرداري پڻ لڳايو آھي، 24 سالن جي ڄمار ۾ ئي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمھوريت لاءِ جدوجھد شروع ڪئي، جڏھن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري آمر ضياءَ اسيمبليون ٽوڙي ملڪ ۾ مارشل لا مڙھي شهيد ڀٽو کي ڪال ڪوٺڙي ۾ بند ڪري ڇڏيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي حڪومتي دور ۾ ڪيترن ئي اھم ٺاھن تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي گڏ وٺي ويندو ھو، ھو ڄاڻائي پيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو اڳتي ھلي عالمي سياستدان بڻجندي، اھڙيون ڪيتريون ئي يادگيريون پيءُ جي شھادت کانپوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي ڪتاب ”ڊاٽر آف ايسٽ“ ۾ لکيون آھن، پاڪستان ۾ پھرئين جمھوري وزيراعظم جي شھادت کان پوءِ به شهيد محترمه بينظير ڀٽو پيءُ جي ڇڏيل مشن کي جاري رکڻ جو عزم ڪيو، 1987ع ۾ شهيد محترمه لنڊن ۾ تقرير ڪري طاقتور قوتن کي للڪاريو، جنھن جي نتيجي ۾ انھن کي اقتدار عوام جي ھٿن ۾ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، جمھوريت جي راڻي جڏھن 10 اپريل 1986ع تي ٻن سالن جي ڊگهي عرضي کانپوءِ لاھور ۾ قدم رکيو ته ماڻھن جو سمنڊ اٿلي پيو ۽ سڄو لاھور جو شھر ”جيئي ڀٽو“ جي نعرن سان گونجڻ لڳو، ان سڄي قافلي کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو متحد ۽ منظم رکيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي پھرئين جمھوري حڪومت ۾ پاڪستان کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي، ھن پاڪستان ۾ زرعي، صنعتي ۽ ٽيڪنالاجي کي عام ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون، ملڪ اڃا ترقي طرف گامزن ھو ته 16آگسٽ 1990ع تي ان وقت جي صدر اسحاق خان جمھوري دور جي دروازن کي بند ڪري ڇڏيو پر محترمه شهيد بينظير ڀٽو ڪنھن به حالت ۾ ھار مڃڻ لاءِ تيار نه ھئي، ھڪ ڀيرو ٻيھر آڪٽوبر 1993ع تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم بڻي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمھوريت لاءِ ڪيل جدوجھد کي اوليت ۽ فوقيت ان ڪري به حاصل آھي ته ھن ھڪ اھڙي سماج کان بغاوت ڪري جمھوريت ۽ عالمي سياست تي دنيا جي وڏين يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏنا، سالن کانپوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي ”ميثاق جمھوريت“ نالي ٿيل ملاقات وقت جي طاقتور قوتن کي عھدو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، محترمه شهيد بينظير ڀٽو هڪ عوامي ليڊر هئي، جنهن سياست جو نئون رخ موڙيو، محلاتن کي مجبور ڪيو ته اهي عوام ڏانهن منهن وڌيڪ ڪري پنهنجو قبلو درست ڪن جمهوريت سندس روح ۾ سمايل هئي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊيءَ جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي نالي پنهنجي هڪ خط ۾ هڪ پيغام موڪليو هو ته: ”پياري ڌيءُ،آئون توکي صرف هڪ پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو. هيءُ پيغام مستقبل جو پيغام آهي ۽ تاريخ جو پيغام آهي ته صرف عوام تي ئي يقين رکجانءِ، عوام جي مساوات ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ ڪم ڪجانءِ. الله تعاليٰ جي جنت تنهنجي ماءُ جي قدمن هيٺان آهي، پر سياست جي جنت عوام جي قدمن هيٺان آهي“ اهو نظريو دنياوي ۽ سياسي زندگيءَ جي مشڪل مرحلن کي طئي ڪرڻ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪيترين ئي ڪارڪنن جي ڪم اچڻ گهرجي جيڪا وقت جي نزاڪت ۽ اشد ضرورت پڻ آهي، تاريخ عظيم ليڊرن کي ماري نٿي سگهي، محترمه شهيد بينظير ڀٽو جهڙا ڪردار ته هميشه زندهه رهندا.