141

پاڻي وارو حساس معاملو ڪڏهن حل ٿيندو…؟؟؟

ليکڪ: ايڊووڪيٽ عبيد الله ڇڄڻ

سنڌ جا ماڻهو هن ڌرتي جا اُهي ڌڻي آهن جن هميشه پنهنجن حقن لاءِ پاڻ ملهايو آهي، آئون جيڪڏهن ساريالي فصل جي پوکائي بابت تفصيل ۾ ويندس ته يقينن هي هڪ وڏو موضوع ٿي ويندو، هن فصل جي پوکائي ۽ پچائي جا ڪهڙا مهينا هوندا آهن، ڇو ته آئون پاڻ هڪ آبادگار آهيان، سال ۾ سيارو، بهار، اونهارو ۽ سرءُ جون چار مندون آهن، جن ۾ وري ٻه اهم مندون خريف ۽ ربيع جي مند آهي، خريف جي مند ۾ ساريون، وونئڻ، ڪمند، جوئر، جنتر ۽ تر وغيره گڏوگڏ اونهاري جون ڀاڄيون پوکيون وينديون آهن، جيئن ئي خريف جي مند ختم ٿئي ٿي ۽ فصل پچي راس ٿئي ٿو ته مٿان وري سياري جي مُند شروع ٿئي ٿي. جنهن ۾ وري ڪڻڪ، چڻا، مٽر، جُوئر، حُرٻو، ڄانڀو ۽ لاڙ طرف وري سبزين جي پوکائي عروج تي ٿئي ٿي، ڇوته هن لاڙ پٽي اندر انب جو فصل گهڻو ٿئي ٿو، جنهن ڪري ربيع ۾ انبن جي باغن ۾ لاڙ ۽ ڪجهه ٿر جي علائقن ۾ جتي انبن جا باغ عام جام آهن، اُتي جا آبادگار خريف جي مند ۾ ته ڪجهه به نٿا پوکائي ڪري سگهن پر ربيع جي مند شروع ٿيندي ئي وڏي پئماني تي انهن باغن ۾ ڪڻڪ جو فصل ۽ ڀاڄيون وغيره پوکين ٿا، جنهن سان ڪڻڪ کي ملندڙ موسمي پاڻي جو فائدو انهي انبن جي وڻن کي به ٿئي ٿو، گڏوگڏ لاڙ ۽ ٿر جي ڪجهه علائقن يعني ميرپورخاص سان ملندڙ اُهي ٿر جا علائقا جيڪي حدن جي حساب سان ته ٿر ۾ ڪونه ٿا اچن پر ٿر جا سرحدي علائقا ضرور آهن، تن ۾ ميرپورخاص کان اڳتي عمرڪوٽ روڊ توڙي جو وري جُهڏو يا ڪوٽ غلام محمد وارا علائقا هجن ٿا، اُتي وري ڪيلي جو فصل جام ٿئي ٿو، جتي ربيع جي مند ۾ ٻيا فصل پوکجن ٿا اُتي سورج مکي جو فصل به هتي پوکيو ويندو آهي، ڪيلي جو فصل يقينن پاڻي جي طاقت سان ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪيلي جي فصل کي مهيني ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا پاڻي جو ملڻ ضروري هجي ٿو، پاڻ جيڪڏهن بدين جي پٽي جو ذڪر ٿا ڪريون ته اُتي به صورتحال ساڳي ئي آهي، پاڻي نه ملڻ ۽ فصل نه پوکجڻ ڪري اُتان جا آبادگار به سراپا احتجاج آهن، بدين بچايو ڪاميٽي پاران مختلف وقتن تي هن سخت گرمي اندر احتجاج ڪيو پيو وڃي، ڇوته انهي بدين واري پٽي جنهن ۾ ٽنڊو غلام علي، ماتلي، تلهار، ٽنڊو باگو سميت ڪڙيو گهنور ۽ گولاڙچي وارن علائقن مان به پاڻي کوٽ خلاف ساڳيون دانهون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، خير ڳالهيون سڀ ٺيڪ آهن پر آئون سڄي سنڌ جي صورتحال کانپوءِ انهي هنڌ جو احوال واضح ڪريان ٿو جتان سڄي سنڌ جي منڍ کان وٺي پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچي ٿو، ان ۾ ڪهڙي به حڪومت ڇو نه هجي جيڪڏهن ڪنهن حزب اقتداري ڌر جو غير قانوني عمل دخل هوندو ته پاڻ ان کي وائکو ڪرڻ ۾ هرگز ڪسر ڪونه ڇڏڻ وارن مان آهيون، هن پاڻي واري انتهائي نازڪ ۽ حساس معاملي تي جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن بابت تبصرو ڪجي ته منهنجي خيال ۾ جيڪي ڌريون سنڌ حڪومت خلاف پاڻي کوٽ بابت الزام هڻي رهيون آهن سي يقينن غير ضروري آهن، ڇو ته آئون پاڻ ذاتي طور تي سنڌو درياهه جي بلڪل منڍ مان نڪرندڙ بي ايس فيڊر جو ننڍڙو آبادگار آهيان، چار کان پنج ايڪڙ زرعي زمين اٿم، آئون اُتان جي منڍ واري صورتحال جو ذڪر ڪريان ته جيڪو ساريالو فصل يعني خريف جو فصل مئي مهيني جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٻيجارو پوکيو ويندو هو يا وري ڪٿي ڪٿي آبادگار وونئڻن، جوئر، ڪمند جو فصل پوکيندا هئا، اُتي ته اڄ نه سارين جي فصل جو ٻيجارو پوکجي سگهيو آهي ۽ نه وري ٻيو ڪو فصل آبادگار پوکي سگهيا آهن. سنڌو درياهه جي گڊو تان جيڪي ڪئنال يا واهه نڪرن ٿا انهن ۾ بي ايس فيڊر، گهوٽڪي مائنر، پٿ فيڊر، شاهي بئراج شامل آهن ۽ انهن وڏن وڏن فيڊرن مان ننڍا ننڍا واهه، شاخون ۽ پراڻن نالن سان سڏجندڙ بئراجز به آهن تن سڀني منڍ وارن شاخن جي پڇڙي وارا آبادگار پنهنجن مٿن تي هٿ رکيو ويٺا آهن. پاڻ ٿورڙو انهي حساس معاملي کي سنجيدگي سان ڏسون ته سنڌو درياهه جي گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح تمام گهٽ آهي، ڪنهن زماني ۾ جڏهن پاڻي جو جوڀن هوندو هو ۽ مهاڻا پَلو مڇي جو شڪار به ڪندا هئا، پر هاڻ صورتحال بلڪل مختلف آهي ۽ سکر واري پُل وٽ شل نه وڃڻ ٿئي رڳو واري ئي واري پئي اُڏامي. جڏهن گڊو ۽ سکر وٽ پاڻي جي اهڙي حالت لڳي پئي آهي ته پوءِ شايد جيڪو سنڌ حڪومت خلاف پاڻي کوٽ بابت احتجاج ڪيا پيا وڃن. سي معذرت سان چوندس ته غير ضروري آهن، پيپلزپارٽي طرفان گذريل هڪ مهيني کان لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد سميت پ پ ڪارڪن وفاقي حڪومت خاص طور ارسا چيئرمين جي اڍنگي رويي خلاف سخت احتجاج ڪندي اِهو موقف رکيو پيو وڃي ته سنڌ جو پاڻي وفاق جي مدد سان پنجاب حڪومت جيڪا وفاقي حڪومت جو حصو پڻ آهي، اها سنڌ جو پاڻي چورائي رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي وقتائتي پاڻي نه ملڻ ڪري ٿيندڙ نقصان بابت بار بار چيو آهي پر وفاقي حڪومت جا سنڌ ما چونڊيل نمائندا جيڪڏهن پوليس ڪنهن جوابدار کي منشيات جي الزام ۾ گرفتار ڪري ٿي يا ڪٿي سوشل ميڊيا ذريعي ڪو آپگهات جو واقعو ٿئي ٿو ته اُتي ته پي ٽي آءِ جا حامي اڳواڻ توڙي ليڊر ڏاڍا پروٽوڪول وٺي ميڊيا جي زينت بڻجڻ لاءِ تيار ٿي ٿا وڃن، باقي اڄ جڏهن سنڌ جا مسڪين آبادگار پاڻي جي کوٽ تي ڪربلا ڪربلا جون دانهون ڪري رهيا آهن ته اتي سندن چپ ئي نٿا چُرن، گهٽ ۾ گھٽ عوام جي اشوز تي سياست جو اهو ٻٽو معيار نه هجڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو