184

بيان بازي جو نه رڪجندڙ سلسلو…

ايڊيٽوريل

وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ تڪرار جاري آهي، آچر واري ڏهاڙي به وفاقي وزير فواد چوڌري سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي خلاف سخت بيان جاري ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ آئين جي آرٽيڪل 140 کي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته سنڌ اندر فنڊن جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري آئين جو آرٽيڪل 140 لاڳو ٿيڻ کانسواءِ ڪو به حل ڪونهي، سندس چوڻ آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي ووٽ نه ملندا ۽ هاڻي سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهندي، هن چيو ته هاڻي گهڻو ٿي چڪو تنهن ڪري عوام پيپلزپارٽي کي ووٽ نه ڏيندو، سندس چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جهڙا ماڻهو نظام کي ويرهائڻ چاهين ٿا، هن وڌيڪ چيو آهي ته پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ سان جمهوريت ڪمزور ٿي ويندي، سندس چوڻ آهي ته شهباز شريف جو پارٽي تي ڪنٽرول ناهي،فيصلا نواز شريف ۽ مريم نواز ڪري ٿي، تنهن ڪري شهباز شريف جي ڪا خاص پوزيشن ڪونهي، هن وڌيڪ چيو آهي ته اپوزيشن چونڊ سڌارن بابت پارليامينٽ ۾اچي تجويزون ڏئي،ان کانسواءِ ٻيو فورم ناهي.

سنڌ حڪومت وفاقي وزير فواد چوڌري جي الزام تراشي کي رد ڪندي چيو آهي ته مراد علي شاهه سنڌ جو آواز اٿاري ٿو ته کين سٺو نٿو لڳي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي عثمان بزدار جهڙا گونگا ماڻهو پسند آهن، خاموش رهڻ تي ڪي پي ڪي جو وڏو وزير به کين وڻي ٿو، سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر شاهه ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته ملڪي معيشت ۾سنڌ 70 سيڪڙو ڏئي ٿي،وڏو وزير صوبي جا حق گهري پيو ته وفاقي حڪومت کي ڪاوڙ لڳي ٿي، هنن وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري سنڌ ۾ حڪومت جا خواب نه ڏسي، پي ٽي آءِ کي ايندڙ چونڊن ۾ماڻهو نه ملندا،ڪرائي جا ترجمان ڀڄي پنهنجن آکيرن ۾ويهي رهندا، هنن وڌيڪ چيو آهي ته فواد چوڌري قسم کڻي ٻڌائي ته سڄي ملڪ ۾ڪهڙو وڏو وزير بهتر آهي؟جيڪڏهن توهان کي فنڊن جي مانيٽرنگ ڪرڻي آهي ته ڪي پي ڪي وڃو،سڀ پتو پئجي ويندو، اسان بلدياتي حڪومتن کي هلڻ ڏنو، عمران خان بزدار ۽ محمود خان نظام ئي ختم ڪري ڇڏيو.

ان کان 2 ڏينهن اڳ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ قومي اسيمبلي ۾ وفاقي حڪومت جي اهڙي رويي تي سخت احتجاج ڪيو هو، سندس چوڻ هو ته اسان حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي طعنا ڏنا وڃن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته سيد مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير آهي، اهو سنڌ جي حقن جي ڳالهه نه ڪندو ته جرمني ۽ جاپان جي مسئلن تي نه ڳالهائيندو، هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي پاليسين سبب صوبن ۾ نفرتن ۽ عام ماڻهن جي مسئلن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي ان بيان کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر فواد چوڌري سنڌ حڪومت خلاف بيان جاري ڪندي ڪيترائي سوال اٿاريا آهن، جنهن مان اها ڳالهه چڱي طرح ظاهر ٿي رهي آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ هي تڪرار اڃا ختم نه ٿيا آهن ۽ هي معاملو اڳتي وڌي رهيو آهي. اها حقيقت آهي ته توڙي جو پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽي حڪومت قائم ڪئي پر وفاقي حڪومت طرفان ان کي دل سان قبول نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري شروع کان وٺي ٻنهي ڌرين وچ ۾ مسئلا هلندا پيا اچن، خاص طور تي پاڻي، ناڻي جي ورڇ ۽ ترقياتي رٿائن جي معاملي تي ڊگهي عرصي کان هلندڙ اختلاف هن ڀيري وڌيڪ سنگين ٿي ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته سنڌ جي رقمن مان وڏو حصو ڪاٽيو پيو وڃي، جڏهن ته پاڻي به چوري ٿي رهيو آهي، بهرحال اها حقيقت آهي ته انهن مسئلن تي ڊگهي عرصي کان اختلاف هلندڙ آهن پر سوال اهو آهي ته اهي معاملا ڪيستائين ائين هلايا ويندا؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم آئيني فورمن تي سنڌ سان انهن معاملن تي ڳالهائي ۽ سنڌ جون جيڪي جائز شڪايتون آهن اهي ختم ڪيون وڃن ته جيئن صوبن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿي سگهي، ائين بيان بازي ۽ دٻاءَ وجهي خاموش ڪرائڻ جو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ اميد آهي ته انهن سمورن مسئلن جو جلد حل ڪڍيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو