واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن 28 جون تي پنهنجي اسرائيلي هم منصب ريوين ريولين جي ميزباني ڪندو،ميڊيا رپورٽن موجب وائٽ هائوس جي ترجمان جين ساڪي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي صدر يولين جي دوري سان آمريڪا ۽ اسرائيل وچ۾ پائيدار شراڪتداري ۽ اسانجي حڪومتن ۽ عوام وچ۾ گهرن لڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي،ترجمان چيو آهي ته صدر يولين جو صدارتي مدو ختم ٿيڻ وارو آهي سندس دور ،دوران ٻنهي ملڪن وچ۾ لڳاپا مضبوط ٿيا آهن،واضع رهي ته اسرائيلي صدر جولاءِ ۾ پنهنجو 7 سالن جو مدو ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ اهو دورو ڪندو.
201