129

ڪورونا وبا ملڪ ۾ وڌيڪ 30 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 907 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 30 فوتگيون ٿيون جنهن مان 14 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 907 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 34 سيڪڙو، لاهور ۾ 21 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 21 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان  ڪراچي ۾ 23 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 23 سيڪڙو،  ڪراچي ۾ 23 ۽ گلگت ۾ 45 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 34 هزار 754 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 985،  پنجاب ۾ 6 هزار 299، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 149، اسلام آباد ۾ 3 هزار 627، بلوچستان ۾ 828، گلگت بلتستان ۾ 391، آزاد ڪشمير ۾ 475 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 93 هزار 148 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 283 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 34 هزار 20 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 49 هزار 175 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 967، بلوچستان ۾ 26 هزار 633، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 813، اسلام آباد ۾ 82 هزار 368، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 37 هزار 75، پنجاب ۾ 3 لک 45 هزار 65 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 32 هزار 254 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 22 هزار 7 آهي جن مان سنڌ ۾ 5 هزار 341 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12 مريض اسپتالن ۾  جڏهن ته 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 10 هزار 642 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 269 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ۾  ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 775 فوتگيون ٿيون، بلوچستان ۾ 301 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 108 فوتگيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 571 فوتگيون ٿيون. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 41 لک 84 هزار 24 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 639 اسپتالن ۾ 2 هزار 497 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو