اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ 22 -2021ع تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته اسان کي گڏجي ويهي سوچڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح قوم کي مشڪلاتن مان ڪڍي سگهون ٿا، قانونسازي گڏجي ويهي مشاورت جي ذريعي ٿيڻ گهرجي ۽ اسان کي ايندڙ عام چونڊن کي صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ جي حڪومت پنهنجا پنج سال پورا ڪري.راجا پرويز اشرف بجيٽ 22 -2021ع تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته بجيٽ تي بحث معمول جو حصو آهي، حڪومت بجيٽ جي واکاڻ جڏهن ته مخالف ڌر تنقيد ڪندي آهي، هن چيو ته 21 جون پيپلزپارٽي جي تاريخ ۾ ان لاءِ اهميت رکندڙ آهي ڇو ته اهو ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پيدائش جو ڏهاڙو آهي، هن ايوان ڪيترائي دور ڏٺا ۽ ڪيترائي ڀيرا ان جا اختيار سلب ٿيا، اڳوڻي صدر آصف زرداري هن ايوان کي سمورا اختيار واپس ڪيا، اسان جي قيادت جانين جا نذرانا پيش ڪيا، خداڪري جمهوريت جو اهو سفر انهي طرح روان دوان رهي. مشڪلاتون اينديون آهن پر اهي قومون ڪامياب ٿينديون آهن جيڪي منزل کي سامهون رکنديون آهن، هن چيو ته اسان کي معاملن کي هڪ حد کان وڌيڪ اڳتي نه وٺي وڃڻ گهرجي. اهو جمهوري قدرن جي منافي هوندو. اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڇا اسان پاڪستان جي عوام جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪاوڙ ۾ اسان کي اهي سموريون حدون نه اورانگهڻ گهرجن جيڪي اسان اورانگهي رهيا آهيون، قانونسازي جو مقصد اهو هوندو آهي ته اسان ملڪ جي عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪريون، قانونسازي مشاورت سان ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان ايوان جي اندر ماحول ٺيڪ رکنداسين ته ٻاهر به ماحول ٺيڪ هوندو، هن چيو ته آئون ڪنهن جي دل آزاري نٿو ڪرڻ چاهيان پر حالتون اهي آهن ته مهانگائي جي ڪري ماڻهن کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن، منهنجي خواهش آهي ته حڪومت پنهنجا پنج سال پورا ڪري، اسان حڪومت جي مينڊيٽ جو احترام ڪريون ٿا، وقت وڏي تيزي سان گذري ويندو آهي، هروڀرو بحث، ڪاوڙ ۽ الزام تراشين ۾ ٽن سالن جو وقت ضايع ڪيو ويو، هن چيو ته ڪنهن به قوم جي لاءِ غذائي تحفظ بنيادي اهميت رکندڙ آهي، حڪومت آسانيون پيدا ڪري ۽ اسان کي گڏجي ويهي سوچڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح اسان قوم کي مشڪلاتن مان ڪڍون، هن تجويز ڏني ته اسٽيل جي صنعت کي بچائڻ لاءِ صرف فاٽآ جي ضم ٿيل علائقن کي رليف ڏيڻ بدران پوري ملڪ جي اسٽيل جي صنعتن کي مراعتون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ 18 هزار ٽن جو فرق پيدا ٿي ويندو، يونيورسٽين جا شاگرد سراپا احتجاج آهن ان حوالي سان ڪميٽي قائم ڪري انهن جا خدشا ختم ڪيا وڃن، انهي طرح فاطمه جناح ويمن يونيورسٽي جون ڇوڪريون به سراپا احتجاج آهن انهن جي مشڪلاتن جو به ازالو ڪيو وڃي، هن چيو ته چونڊ قانونن جي لاءِ ڪيل قانونسازي تي اليڪشن ڪميشن جا خدشا آهن، اسان کي گڏجي ويهي صاف، شفاف ۽ غير جانبداراڻي انعقاد جي راهه هموار ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن مطالبو ڪيو ته منهنجي تڪ گوجر خان ۾ پوٺوهار يونيورسٽي لاءِ 800 ڪينال زمين موجود آهي، حڪومت يونيورسٽي ٺاهي اسان اوهان کي سلام پيش ڪنداسين، هن چيو ته راولپنڊي ميونسپل ڪارپوريشن مندره، سانگ ۽ ڪليام جي علائقن ۾ ڪچرا ڪنڊي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان فيصلي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ اسان کي ان جڳهه تي پارڪ ڏنو وڃي.
207