222

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار تعزيتي پيغامن ۾ هنن چيو ته سينيٽر عثمان خان ڪاڪڙ هڪ محبت وطن سياسي ۽ سماجي اڳواڻ هو، عثمان خان ڪاڪڙ بلوچستان جي عوام کي سندن حق ڏيارڻ لاءِ سدائين آواز اٿاريو، عثمان خان ڪاڪڙ بلوچستان جي محرومين جي لاءِ سياسي ۽ سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هنن چيو ته اڄ ملڪ هڪ محب وطن سياسي ۽ سماجي اڳواڻ کان محروم ٿي ويو آهي، عثمان ڪاڪڙ جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڀرجي نٿو سگهجي، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرحوم جي بلند درجن ۽ سوڳوار خاندان کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ لاءِ صبر جميل عطا فرمائي جي دعا ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو