130

ڪراچي: فقير ڪالوني ۾ نامعلوم هٿيار بندن جي فائرنگ، هڪ عورت قتل، هڪ ڄڻو زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي فقير ڪالوني ۾ نامعلوم هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ هڪ عورت قتل ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي . رپورٽ مطابق ڪراچي جي مومن آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع فقير ڪالوني ۾ نامعلوم هٿيار بندن فائرنگ ڪري هڪ عورت گلناز شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته فائرنگ ۾ گلناز جو مڙس 30 ورهين سيد جواد شاهه سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ ذاتي دشمني لڳي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو