136

پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا 95 نوان ڪيس ظاهر،ڪل انگ 345065 ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا 95 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 345065 ٿي ويو. پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر جي ترجمان مطابق لاهور ۾ 43، ننڪانه 1، شيخوپوره 1، حافظ آباد 2، راولپنڊي 15، چڪوال 4، سيالڪوٽ 2، ملتان 5، خانيوال 3، فيصل آباد 3، چنيوٽ 1، رحيم يار خان ۾ 4 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، هن ٻڌايو ته بهاولپور 5، لوڌران 1، ڀڪر 1، ساهيوال 3 ۽ پاڪپتن ۾ 1 ڪيس سامهون آيو آهي. لاهور ۾ 4 ڄڻا فوت ، فوتگين جو انگ وڌي 4285 ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو سڄي صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 9 فوتگين بعد فوتگين جو ڪل انگ 10642 ٿي چڪو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6299 تيسٽ ڪيا ويا، هيل تائين ڪل 5485237 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو