اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت محمد طارق ملڪ کي نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سومر تي گهرو وزارت جي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق طارق ملڪ کي نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي نادرا آرڊيننس 2001 جي قلم(3)2 تحت چيئرمين نادرا جي عهدي تي مقرر ڪيو آهي. ان جي مقرري نادرا آرڊيننس 2000 جي قلم (5)3 جي قانون تحت 3 سال جي مدي لاءِ ڪئي وئي آهي. هي نوٽيفڪيشن فوري طور تي لاڳو ٿيندو.
161