218

نادرا چيئرمين طارق ملڪ جي 20 هزار ڊالر پگهار جي سمري جي خبر بي بنياد آهي: ترجمان نادرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) وضاحت ڪئي آهي ته نادرا جي چيئرمين طارق ملڪ جي 20 هزار ڊالر پگهار جي سمري جي حوالي سان خبر بي بنياد آهي. گذريل ڏينهن نادرا ترجمان طرفان جاري بيان مطابق نادرا جي چيئرمين جي 20 هزار ڊالر پگهار جي سمري جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ناهي. ترجمان چيو ته ان کان اڳ طارق ملڪ چيف ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر طور گڏيل قومن جي 130 کان وڌيڪ ملڪن جي حڪومتي ڪارڪردگيءَ کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ذريعي بهتر بنائڻ تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. 2012ع ۾ طارق ملڪ نادرا چيئرمين طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. ان دوران هن پاڪستان ۾ سمارٽ شناختي ڪارڊ جو نظام پڻ متعارف ڪرايو. سارڪ ملڪ کي 2013ع ۾ حڪومتِ پاڪستان طرفان ٽيڪنالاجي جي فيلڊ ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ستاره امتياز سان پڻ نوازيو ويو. 2016ع ۾ آمريڪي ۽ يورپي ٿنڪ ٽينڪ طارق ملڪ کي دنيا جي 100 بهترين آءِ ٽي ماهرن ۾ نامزد ڪيو. گذريل 3 سالن کان طارق ملڪ کي ورلڊ آئيڊينٽي نيٽ ورڪ جي 100 بااثر شخصيتن ۾ لاڳيتو ٽيون ڀيرو شامل ڪيو ويو. 2009ع ۾ طارق ملڪ کي اٽلي ۾ منعقد ٿيل آءِ ٽي انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ آٽ اسٽينڊنگ اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. هن هائيڊل برگ جرمني مان انٽرنيشنل مئنجمينٽ ۽ قائداعظم يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر سائنسز ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي. ان کان علاوه طارق ملڪ آمريڪن جان ايف ڪينيڊي اسڪول آف گورنمينٽ، هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۽ اسٽيفن فورڊ يونيورسٽي آمريڪا مان پڻ تعليم حاصل ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو