210

ايندڙ هفتي ڪورونا ويڪسين جون 30 لک خوراڪون پاڪستان اينديون: ڊاڪٽر نوشين حامد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد چيو آهي ته ايندڙ هفتي ڪورونا ويڪسين جا وڌيڪ 30 لک ڊوز پاڪستان ايندا. ويجهڙ ۾ ئي چين مان سائنو ويڪ جون 15 لک ڊوز خريد ڪيون ويون ۽ جلد ئي ويڪسي نيشن سينٽرن ۾ مهيا ڪيون وينديون. گذريل ڏينهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هلندڙ سال جي آخر تائين 70 ملين ماڻهن کي ويڪسين ڪرڻ حڪومت جو هدف آهي ۽ ان سلسلي ۾ مقامي سطح تي پڻ وڏي انگ ۾ ويڪسين تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر نوشين حامد چيو ته حڪومت ويڪسي نيشن جي عمل کي آسان بڻائڻ ۽ عوام تائين ان جي رسائي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ايندڙ هفتي کان روزانه جي بنياد تي 4 لک ماڻهن کي ويڪسين لڳائي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو