ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو
چين کي معاشي طور تي طاقتور ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ صدر بائيڊن ”آمريڪا واپس ٿيو آهي“ جي نعري ھيٺ يورپ جو دورو ڪيو، جنهن ۾ ھن پھرين برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن ۽ راڻي ايلزبيٿ سان ملاقاتون ڪيون، جنهن کان پوءِ جي-7 جي ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ صدر بائيڊن سڀني ميمبر ملڪن تي چين خلاف ھڪ وڏو معاشي ۽ عسڪري اتحاد جوڙڻ تي زور ڀريو ۽ انهن آڏو چين طرفان سنڪيانگ ۾ مسلم آباديءَ کي زبردستي ڪميونسٽ ڪرڻ لاءِ تشدد ڪرڻ، ھانگ ڪانگ کي مڪمل خودمختياري نه ڏيڻ، تائيوان جي ھوائي حدن ۾ جنگي جھاز موڪلي مقامي آباديءَ ۾ خوف پيدا ڪرڻ کان سواِءِ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ واريون ڳالهيون رکيون، جي-7 جي اجلاس ۾ جنهن وقت چين جي خلاف ھڪ وڏي محاذ ٺاهڻ واريون ڳالهيون ڪيون پئي ويون تنهن وقت ھال کي مڪمل طور تي ٻاھرين رابطن کان ڪٽيو ويو ته جيئن عالمي ميڊيا کي خبرون ملي نه سگهن، ڇاڪاڻ ته آمريڪا کانسواِءِ ڪو به ملڪ چين جي خلاف کلي نه پيو ڳالهائي پر انهن خبرن مان اھم آمريڪا جو بليو ڊاٽ نيٽ ورڪ پراجيڪٽ واري خبر ھئي، جنهن کي بلڊ بيڪ بيٽر ورلڊ يا بي ٿري ڊبليو سان سڏيو ٿو وڃي، بي ٿري ڊبليو واري منصوبي کي صدر بائيڊن چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جي مقابلي ۾ شروع ڪرڻ جو رٿيو آهي ۽ جي-7 جي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته ھو ھن منصوبي ۾ خانگي ڪمپنين کان سيڙپڪاري ڪرائين، جنهن تي شروعاتي خرچ 40 کرب ڊالر ايندو پر ھن بي ٿري ڊبليو واري رستي جي شروعات ڪٿان ۽ ڪھڙي ملڪ مان ٿيندي ۽ ھن پراجيڪٽ ۾ ڪيترا ملڪ حصو وٺندا ڪا به خبر نه آهي، جڏهن ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو ۾ 90 کان وڌيڪ ملڪن سيڙپڪاري ڪئي آهي، ھاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا آمريڪا انهن سڀني ملڪن کي روڪي سگهندو ته اھي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو ۾ پنهنجي سيڙپڪاري بند ڪري بي ٿري ڊبليو ۾ لڳائين؟ خاص طور تي جي – 7 جي ميمبر ملڪ اٽليءَ کي چين جي اثر مان ڪڍي سگهندو جي نه ته پوءِ بي ٿري ڊبليو جو ڇا ٿيندو؟ ۽ اھو ڪھڙي انداز سان شروع ٿيندو؟ صدر بائيڊن جي -7 جي سربراھي اجلاس ۾ ڏکڻ ڪوريا، آسٽريليا ۽ ھندستان کي مبصر طور گهرايو پر برڪس جي ميمبر ملڪن برازيل، روس، چين ۽ ڏکڻ آفريقا کي جي – 7 ۾ مبصر طور به دعوت نه ڏني، جيڪي معاشي طور تي تمام گهڻا طاقتور ملڪ آهن، صدر بائيڊن پوءِ ناٽو جي سربراھي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ برسلز پھتو جتي ھن روس جي جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ ناٽو کي حرڪت ۾ آڻڻ جي منظوري ڏني جنهن جي شروعات ھن آمريڪي سفير مقرر ڪرڻ سان ڪئي پر تازو ئي اينٽوني بلنڪن سرگئي ليوروف جرمنيءَ کي گيس سپلاءِ ڪندڙ نارڊ اسٽريم 2 تان پابندي ھٽائي ھئي، جنهن جي ڪري ناٽو جا ميمبر ملڪ چين ۽ روس جي خلاف کلي طرح سان نه ڳالهائي سگهيا پر ھنن روس جي خلاف عملي قدم کڻڻ تي زور ڀريو، ناٽو جي سربراھي اجلاس کان پوءِ صدر بائيڊن صدر طيب اردگان سان ملاقات ڪئي، جنهن سان خاص طور تي ڪابل جي ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ۽ ساڳئي وقت تي روس سان دفاعي ناتا ختم ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو پر طيب اردگان پنهنجي شرطن تي اڙجي ويو آهي، جنهن ڪري ڪو گڏيل اعلان نه ٿي سگهيو، ٻئي طرف طالبان ناٽو جي ڪنهن به ملڪ جي فوج کي ڪابل جي سيڪيورٽي لاءِ اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڀلي ترڪي ئي ڇو نه ھجي، جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان اندر وڏي خونريزي جو خطرو آهي، صدر بائيڊن پنهنجي آخري ملاقات صدر پيوثن سان ڪئي، هن ملاقات ۾ ھن انساني حقن جي لتاڙ، مخالف ڌر جي اڳواڻ اليڪسي نوليني جي گرفتاري ۽ رينسمويئر جي حملي جنهن سان تازو ڪالونيل پائيپ لائين بلاڪ ٿي ھئي، جنهن ڪري آمريڪا جي وڏي حصي کي تيل جي سپلاءِ رڪجي وئي ھئي جا اشو صدر پيوٽن جي سامهون رکيا پر وال اسٽريٽ جنرل جي ھڪ رپورٽ مطابق صدر بائيڊن آرڪٽڪ ريجن مان گلوبل وارمنگ جي ڪري جيڪا برف ڳري رهي آهي، جنهن جي ڪري اتر يورپ ۾ نوان رستا کلي ويا آهن ۽ روس ھن سڄي علائقي کي پنهنجو ٿو سمجهي، جڏهن ته آرڪٽڪ سمنڊ جا ھي حصا تيل ۽ گيس سان مالا مال آهن، روس ھن وقت چين سان اتر يورپ ڪاريڊور جي حوالي سان ڳالهين ۾ مصروف آهي ته جيئن چيني مال جيڪو عربي سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ، سئز ڪينال ۽ رومي سمنڊ کان ٿيندو پوءِ يورپ جي منڊي تائين پھچندو آهي پر ھاڻي اھو مال روس جي ذريعي اتر يورپ ڪاريڊور مان ٿيندو ناروي ۽ سوئيڊن ۽ پوءِ يورپ ۾ پھچندو، ھي ھڪ آسان رستو آهي، خاص طور تي سئز ڪينال جي اوچتي بند ٿيڻ کان پوءِ روس جي اھميت وڌي وئي آهي، اتر يورپ ڪاريڊور آمريڪي منڊي کي تباهه ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، بائيڊن انتظاميا اھڙو خاڪو ذھن ۾ رکي بلنڪن ۽ ليوروف جي رٿيل ملاقات ۾ روس کي جرمنيءَ جي گيس پائيپ لائين ڇڪڻ جي به اجازت ڏني ھئي پر ٻنهي سربراھن جي وچ ۾ جنيوا ۾ ٿيل ملاقات ۾ اشوز حل نه ٿي سگهيا، جنهن ڪري ڪا به گڏيل پريس ڪانفرنس نه ٿي سگهي، صدر بائيڊن جي يورپ واري دوري جو اھم مقصد چين کي عالمي معاشي طاقت ٿيڻ ۽ روس کي وري يورپ ڏانهن جارحيت ڪرڻ کان روڪڻ آهي، ڇاڪاڻ ته روس يوڪرين تي قبضي لاءِ موقعي جي تلاش ۾ آهي پر آمريڪا يورپ کي يقين ڏيارڻ لاءِ مراڪش، سينيگال ۽ تيونس ۾ آفريڪن لاين وار گيمس شروع ڪيون، جيڪي 19 جون تي پوريون ٿيون، ھنن ٻن ھفتن وارين جنگي مشقن ۾ آمريڪا، مراڪش، سينيگال، تيونس ۽ يورپ جو فوجون موجود ھيون، ظاهري طور ھنن مشقن جو اھم سبب آفريڪا کي القاعده ۽ داعش جھڙين تنظيمن جي حملن کان بچائڻ آهي پر حقيقت ۾ ھي مشقون يورپ ۾ روسي اڳرائي کي روڪڻ لاءِ پڻ آهن، جنهن جو اندازو وال اسٽريٽ جنرل جي ھن رپورٽ مان لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا سعودي عرب مان پيٽرياٽ ۽ ٿاڊ وارا اينٽي ميزائيل ۽ بيٽريون واپس گهرائي رهيو آهي، پر اھي ڪٿي لڳائيندو اڃا اھڙو فيصلو ناهي ٿيو، ڪٿي اھو اينٽي ميزائيل سسٽم روس جي اڳرائي خلاف ته استعمال نه ٿيندو، ته يورپي منڊيءَ کي چين جي اثر کان بچائي وٺي پر ھتي ھڪ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته آمريڪا روس کي چين لاءِ اتر يورپ ڪاريڊور نه کولڻ جي بدلي ۾ ڪٿي وچ اوڀر ايشيا سندس حوالي ته نه پيو ڪري؟