175

مودي حڪومت پاران مسلمانن جي ٻيٽن تي قبضا…!!

ليکڪ: گيتا پانڊي

انڊيا جي ٻيٽ نما علائقو لڪشدويپ هن وقت ۾ مشڪل ۾ آهي، انڊيا جي ڏکڻ اولهه ساحل کان تقريبن 200 ميل وري واقع هن علائقي ۾  36 ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن، جن مان صرف 10 آباد آهن، ۽ اهي سمورا پنهنجي معيشت ۽ روزمرهه جي زندگيءَ لاءِ انڊيا جي ڏاکڻي رياست ڪيرالا تي ڀاڙين ٿا، وارياسو ساحل، نيرو پاڻي ۽ انتهائي دلڪش ڪورل ريفرس (ڳاڙهي واري) حوالي سان مشهور لڪشدويپ کي سياحن لاءِ تيار ڪيل بروشرن ۽ اشتهاري مواد ۾ جنت جا ٻيٽ يا (زمرد جا جزيرا) به چيو وڃي ٿو ۽ عام طور تي هي خبرن ۾ وڌيڪ نمايان حاصل نٿو ڪري، پر تازو ڪجهه هفتن ۾ انهن جزيرن جي رهندڙن جي مظاهرن جي ڪري هي علائقو اخبارن جي اهم سرخين جي زينت بڻجي ويو آهي، هتي جا رهائشي چون ٿا ته اسان جي سڃاڻپ، ثقافت، مذهب ۽ زمين تي حملا ڪيا پيا وڃن، ان تڪرار جي شروعات هن خطي جي نئين حڪومتي عهديدار ۽ ايڊمنسٽريٽر پرافل کودا پٽيل جي اچڻ، ان طرفان انهن ٻيٽن لاءِ متعارف ڪرايل نون منصوبن، تيزي سان وڌندڙ ڪووڊ ڪيسن ۽ هتي جي مشهور ماڊل ۽ اداڪاره مٿان بغاوت جي ڪيس سان ٿي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هتي جي رهواسين ڪارو ڏينهن ملهايو، جنهن ڏينهن انهن پنهنجي گهرن جي ڇتين تي ٿنڀن تي ڪارا جهنڊا لهرايا، چهري تي ڪارا ماسڪ پاتا، گذريل هفتي جي خبرن مطابق سموري آبادي سڄي ڏينهن جي احتجاج ۾ ڪجهه به نه کاڌو،  سيو لڪشادويپ فورم (ايس ايل ايف) جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر محمد صادق چيو ته لڪشادويپ جي تاريخ ۾ ان کان اڳ اڄ تائين اهڙو احتجاج ناهي ٿيو، انڊيا جي ٻي وڏي پارٽي ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي به انهن مظاهرن ۽ احتجاج جي حمايت ڪئي آهي ۽ هن الزام هڻندي چيو آهي ته هي جاهل ۽ هٺ ڌرم جيڪي حڪومت ۾ آهن، اهي انڊيا جي سمنڊ ۾ هيري کي تباهه ڪري رهيا آهن، راهول گانڌي وزيراعظم نريندر مودي کي خط به لکيو آهي ته هو پنهنجا حڪم واپس وٺي، جن کي هن مقامي برادري جي ثقافت ۽ ان جي مذهب تي دانستا حملو به قرار ڏنو آهي. تڪراري تجويزون ڪهڙيون آهن؟: هن علائقي جي رهائشين لاءِ سڀ کان وڏو خدشو حڪومت پاران تجويز ڪيل زمين حاصل ڪرڻ جي اها پاليسي آهي، جنهن تحت اها جزيرن جي زمين جي ڪهڙي به حصي کي تعميراتي منصوبي جي غرض سان ڪڏهن به پنهنجي قبضي ۾ وٺي سگهي ٿي، پرافل کودا پٽيل چوي ٿو ته ان جا منصوبا آهن، جن جي مدد سان هو انهن ٻيٽن کي مالديپ جهڙو بڻائي ڇڏيندو، جيڪو سڄو سال سياحن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل رهي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته انهن منصوبن جي مدد سان رهائشين جي حفاظت ۽ انهن جي زندگي ۾ بهتري ايندي پر ايس ايل ايف جو ڊاڪٽر محمد صادق چوي ٿو ته اها زمين تي قبضي جي ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ايس ايل ايف چيو آهي ته حڪومتي پاليسين جي ڪري مقامي ماڻهن کي بيدخل ڪيو ويندو ۽ اهي بي گهر ٿي ويندا ۽ ان ڪري ئي هو پرافل پٽيل کي ڪڍڻ ۽ تجويز ڪيل قانون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر محمد صادق چوي ٿو ته هو ترقي جي خلاف نه آهن، پر مقامي ماڻهن انهن جي ثقافت ۽ انهن جي زمين جو تحفظ ڪيو وڃي، هو چوي ٿو ته اسان رياست مخالف نه آهيون، اسان انڊيا جا شهري آهيون پر اسان پنهنجي زمين ۽ پنهنجي حقن لاءِ وڙهي رهيا آهيون، گذريل سال ڊسمبر کان اهو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پرافل پٽيل ٻيٽن تي ڳئون ۽ مينهن کي ذبح ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته هتي 1979ع کان شراب جي وڪري  ۽ پيئڻ تي لاڳو پابندي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. انهن قدمن کان ناخوش نقادن جو چوڻ آهي ته اها انڊيا جي قومپرست حڪومت جي هڪ ٻي ڪوشش آهي ته اهي پنهنجي نظريي کي انهن جزيرن جي آبادي تي مڙهي سگهن، جتي جي 70 هزار آبادي ۾ 96 سيڪڙو مسلمان آهن.ڪانگريس اڳواڻ ۽ لڪشدويپ پنچائت جو اڳوڻو سربراهه الطاف حسين سوال ڪري ٿو ته مسلم اڪثريتي علائقي ۾ ڳئون جي گوشت تي پابندي ڇو لڳائي پئي وڃي. پرافل پٽيل ڇو ان معاملي ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ته اسان ڇا ٿا کائون؟ لڪشدويپ جي هڪ آزاد نيوز ويب سائيٽ دويپ ڊائري ڊاٽ ڪام جي هڪ ايڊيٽر محمد نوشاد چيو آهي ته هتي جي واضح اڪثريت شراب تي لاڳو پابندي جي حمايت ڪري ٿي، ڇو ته اسلام ۾ شراب پيئڻ تي پابندي آهي. هي جزيرو عورتن ۽ ٻارن لاءِ انتهائي محفوظ آهي ۽ ان ڳالهه جو خدشو آهي ته شراب جي آساني سان وڪري سبب هتي جي معاشري ۽ برادري کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته پرافل پٽيل کي لڪشدويپ جي تاريخ ۽ هتي جي ثقافت جو ڪو به اندازو نه آهي، اڄ کان پهريان هتي ڪڏهن به اهڙي غير جمهوري ۽ آمراڻي انداز ۾ حڪم لاڳو نه ٿيا آهن، ماڻهن کان ڪو به مشورو ناهي ورتو ويو، انهن تبديلين بابت اسان هتي جا شهري آهيون، غلام نه آهيون.اهو ڪنهن به مهذب معاشري ۾ قبوليت جوڳو نه هوندو، الطاف حسين چوي ٿو ته پرافل پٽيل انهن ٻيٽن تي پنهنجي ترقياتي منصوبن جي شروعات ڪري جيڪي آباد نه آهن، اسان جي جزيرن جو امن خراب ۽ برباد نه ڪري، انهن تجويزن ۾ هڪ ٻيو مسئلو هڪ اينٽي سوشل قانون آهي، جنهن تحت پوليس ماڻهن کي قانوني مدد حاصل ڪرڻ جي سهولت ڏيڻ کانسواءِ هڪ سال تائين حراست ۾ رکي سگهي ٿي. الطاف حسين ان بابت سوال ڪري ٿو ته اهڙي قانون جو سبب ڇا آهي؟ هڪ اهڙي علائقي ۾ جتي 45 سالن کان ڪو به سنگين ڏوهه ناهي ٿيو، ڊاڪٽر محمد صادق چوي ٿو ته حڪومت اهو قانون ان تي تنقيد ڪندڙن خلاف استعمال ڪندي، ڇو ته حڪومت کي خبر آهي ته تجويزن خلاف ماڻهو احتجاج ڪندا ته انهن سوچي ورتو آهي ته اختلاف ڪندڙن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو وڃي. تجويز ڪيل قانون اڃا تائين منظور ناهي ٿيو، پر حڪومت تي تنقيد ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو آهي. گذريل هفتي پوليس عائشا سلطانا نالي هڪ مشهور ماڊل، اداڪاره ۽ فلم ساز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو آهي. هن پرافل پٽيل کي مليالم ٻولي جي هڪ نيوز چينل جي پروگرام ۾ بائيو ويپن (حياتياتي هٿيار) قرار ڏنو هو. عائشا سلطانا جو چوڻ هو ته پرافل پٽيل طرفان قرنطينا ۾ نرمي ڪرڻ جي فيصلي جي ڪري جزيري تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ڪووڊ کان متاثر ٿيا آهن، واضح رهي ته لڪشادويپ ۾ هلندڙ سال جنوري تائين هڪ به ڪووڊ ڪيس نه هو، پر ان کانپوءِ هن وقت تائين تقريبن 10 هزار ماڻهن ۾ مرض جي تصديق ٿي آهي ۽ 45 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. پرافل پٽيل انهن الزامن جي ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته متاثر وڌڻ جو سبب وائرس جو نئون قسم آهي ۽ معاشي سرگرميون بحال ٿيڻ سبب ماڻهن جي چرپر جي ڪري بيماري پکڙي آهي. عائشا سلطانا کانسواءِ به ڪيترائي ماڻهو آهن، جن پرافل پٽيل تي کليل تنقيد ڪئي آهي، پارليامينٽ جي مقامي ميمبر محمد فيصل به انهن ٻيٽن تي ڪووڊ متاثر وڌڻ جو ذميوار پرافل پٽيل کي قرار ڏنو آهي. بي جي پي جي هڪ مقامي اڳواڻ 26 سالن جي عائشا سلطانا تي انهن لفظن جي استعمال هڪ شڪايت داخل ڪئي آهي ۽ پوليس ان خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ کيس ٿاڻي تي به گهرايو آهي. قيد جي خدشي سبب عائشا سلطانا ڪيرالا جي عدالت ۾ ضمانت جي درخواست ڏني جنهن کانپوءِ عدالت کيس هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، هن ان ڪيس جا تفصيل ته نه ٻڌايا آهن پر هن مون کي اهو ضرور ٻڌايو ته منهنجي هيءَ ويڙهه پنهنجي زمين لاءِ آهي، عائشا جي دوست ۽ وڪيل فصيلا ابراهيم جو چوڻ آهي ته پوليس جو ڪيس صرف ۽ صرف هڪ ڌمڪي آهي ۽ اهي اهو پيغام ڏيڻ پيا چاهين ته جيڪڏهن توهان آواز اٿاريو ته ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو