175

مهانگائي ۽ ترقيءَ بابت وفاقي وزير جو نئون فارمولو…!!

ايڊيٽوريل

قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ڪندي دفاع واري وفاقي وزير مهانگائي ۽ غربت بابت عجيب موقف اختيار ڪيو آهي، هن ترقيءَ ۽ مهانگائي کي لازم ملزوم قرار ڏيندي انهن کي ائين ته پاڻ سان جوڙيو آهي جو دنيا جا معيشت جا ماهر ان جي بيان تي حيران ۽ پريشان آهن، پرويز خٽڪ صاحب ملڪ ۾ مهانگائي کي مخالف ڌر جي پروپئگنڊا قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ غربت جو نالو نشان به نه آهي، وري اتي ئي پنهنجي موقف ۾ اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته جنهن ملڪ ۾ مهانگائي نه هوندي اهو ملڪ رڪجي ويندو. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو آهي ته صرف سرڪاري نوڪرين سان روزگار ناهي ٿيندو، مون کي ڏيکاريو ته هن وقت ملڪ ۾ ڪير غريب آهي. هتي ته ترقي ان حد تائين ٿي وئي آهي جو اوهان کي مزدور ئي نٿو ملي، هن عوام تي سخت ڇوهه ڇنڊيا آهن ۽ چيو آهي ته ماڻهو رڳو سرڪاري نوڪريون ڪرڻ چاهين ٿا، هن ملڪ جو عوام محنت ڪرڻ نٿو چاهي، هن چيو ته 38 سال اڳ جڏهن آئون سياست ۾ آيو هئس اسان جي علائقي ۾ سمورا گهر ڪچا هئا، اڄ ڪير مون کي ڪچو گهر ڏيکاري، غربت ڪٿان کان اچي وئي؟ ڪنهن وٽ گاڏيون نه هيون، موٽرسائيڪل نه هئي پر اڄ هڪ سٺي زندگي گذاري رهيا آهن، اها بلڪل غلط پروپئگنڊا آهي ته ماڻهو بک تي آهي، منهنجي صوبي ۾ اچو ۽ مون کي ڪچو گهر ڏيکاريو ته آئون چوندس ته هي ملڪ پوئتي وڃي رهيو آهي.هن مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن انهن معيشت پڙهي هجي ها ته کين خبر پوي ها هن چيو ته دنيا ۾ هر جاءِ تي مهانگائي وڌي آهي ۽ آمريڪا ۽ يورپ ۾ مهانگائي آهي، پر ان جو هڪ فارمولو به آهي. جيڪڏهن عوام جي زندگي جو معيار هيٺ وڃي ۽ مهانگائي اچي ته تباهي ۽ جيڪڏهن عوام جي زندگي جو معيار بهتر ٿي رهيو هجي ۽ انهن وٽ پئسا هجن ته ملڪ ۾ تباهي نه پر ترقي آهي. هن چيو ته مهانگائي ۽ ماڻهن جي زندگي پاڻ ۾ جڙيل آهن، دنيا ۾ اڄ ڏسو آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪهڙي شيءِ سستي ٿي آهي، انهن جي آمدني وڌي رهي آهي ۽ ملڪ به ترقي ڪري رهيا آهن، هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ مهانگائي نه هجي، سڀ ڪجهه رڪجي وڃي ته اهو ملڪ رڪجي ويندو. نه ڪو اپائيندو نه ڪا صنعت هلندي ۽ ڪاروبار نه هوندو ته ملڪ ڪيئن هلندو. هن چيو ته ها عجيب فنامنا شروع ڪئي وئي آهي ته مهانگائي ۽ غربت آهي، آئون چئلينج ٿو ڪريان ته منهنجي صوبي ۾ اچو ۽ مون کي غريب ڳولي ڏيو، آئون چوندس ته توهان سچ ڳالهائي رهيا آهيو، هي سڄو ڊرامو آهي، مخالف ڌر جو ڊرامو هاڻ نه هلندو، ماڻهو سمجهدار ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي حڪمران جماعت جي هڪ ميمبر پرويز خٽڪ کي ٻڌايو ته ڪرڪ ۾ غربت آهي، هن چيو ته اسان جا ميمبر چئي رهيا آهن ته مڃان ٿو ته ڪرڪ ۾ غربت هوندي. ٻئي پاسي خزاني واري وزير شوڪت ترين اعتراف ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر چوي ٿي ته ملڪ ۾ 25 سيڪڙو مهانگائي آهي، پر 25 سيڪڙو نه 11 سيڪڙو مهانگائي آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ان قسم جون تقريرون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون ته هن قوم جي قسمت تي روئڻ اچي ٿو، سڄي دنيا جا معاشي ماهر پاڪستان ۾ ايندڙ روز جون رپورٽون، معيشت بابت انگ اکر ۽ زميني حقيقتون هڪڙي پاسي وڃي رهيون آهن ۽ اسان جا وزير صاحب وري جڏهن حقيقتن کان هٽي ان قسم جا بيان ڏين ٿا ته بنيادي طور تي لڳي ائين ٿو ته اهي ڄڻ عوام تي چٿرون ڪندا هجن، اسان اهڙن بيانن تي ڪهڙي ٽيڪا ٽپڻي ڪريون، ڪهڙا سوال اٿاريون؟ ڪهڙا جواب طلبيون؟ بس رڳو ايترو ئي چئي سگهون ٿا ته هن ملڪ جي عوام جيڪڏهن اڃا به اک نه پٽي ۽ اهڙن ماڻهن کي وري به چونڊيندا رهيا ته مهانگائي ۽ ترقي ته پنهنجي جاءِ تي هن ملڪ مان به هٿ ڌوئي ويهندا، خدارا عوام سان گهڻو مذاق ٿي ويو آهي، هاڻ وڌيڪ ان قسم جا ڊراما بند ڪيا وڃن ۽ ڳالهين کي ٻيو رخ ڏيڻ بدران سنجيدگي سان هن ملڪ جي عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو