اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا کي افغانستان مان نڪرڻ کان ا ڳ مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته افغان جنگ ۾ وڌيڪ نقصان پاڪستان کنيو. پاڪستان مان افغانستان ۾ ڪارروائي جي اجازت نه ڏينداسين. سرحد پار دهشتگردي روڪ مشن لاءِ پاڪستان سي آءِ اي کي هوائي اڏو نه ڏيندو. آئون افغان طالبان جو ترجمان نه آهيان. پرڏيهي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت 30 لک افغان پناهگير آهن. آمريڪا ۽ افغان جنگ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا. پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، سرحد پار دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ پاڪستان آمريڪا کي هوائي اڏا نه ڏيندو. هاڻ آمريڪا سان گڏ ڪنهن به قسم جي ويڙهه ۾ شامل ٿيڻ نٿا چاهيون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ايٽمي هٿيارن جي خلاف آهيان.ڀارت سان اسان جون 3 جنگيون ٿيون آهن. پاڪستان جا ايٽمي هٿيار رڳو ملڪ جي بچاءُ لاءِ آهن. هن چيو ته اسان ڇڪتاڻ نه امن چاهيون ٿا، هاڻ اسان ڪنهن به قسم جي تڪرار جو حصو نٿا ٿيڻ چاهيون، آمريڪا جي نڪرڻ کان اڳ افغان مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو. عمران خاهن وڌيڪ چيو ته نائن اليون کان پوءِ يورپ ۾ مسلمانن خلاف نفرت وڌي، اولهه ۽ اسان جي ثقافت ۾ گهڻو فرق آهي، اسان جي معاشري ۾ عورت جي پردي جو تصوير فتني کان بچڻ آهي. مون ڪڏهن به نه چيو ته عورتون برقعو پائين، اسان وٽ ڊسڪوز ۽ نائٽ ڪلب نه آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن معاشري ۾ فتنو وڌندو ۽ نوجوانن وٽ پنهنجي جذبن جي اظهار جي ڪا جاءِ نه هجي ته نقصان ٿيندا، جيڪڏهن عورت مختصر ڪپڙا پائيندي ته مرد تي اثر ته پوندو. وزيراعظم چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان لکين ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، اولهه دنيا ۾ ڪشميرين کي نظرانداز ڇو پيو ڪيو وڃي، 8 لک ڀارتي فوجين ڪشمير کي کليل جيل ڪري ڇڏيو آهي، اولهه ۾ ڪشمير مسئلو ڇو نٿو اٿاريو وڃي، منهنجي خيال ۾ اها منافقت آهي.نه ڏينداسين. سرحد پار دهشتگردي روڪ مشن لاءِ پاڪستان سي آءِ اي کي هوائي اڏو نه ڏيندو. آئون افغان طالبان جو ترجمان نه آهيان. پرڏيهي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت 30 لک افغان پناهگير آهن. آمريڪا ۽ افغان جنگ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا. پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، سرحد پار دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ پاڪستان آمريڪا کي هوائي اڏا نه ڏيندو. هاڻ آمريڪا سان گڏ ڪنهن به قسم جي ويڙهه ۾ شامل ٿيڻ نٿا چاهيون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ايٽمي هٿيارن جي خلاف آهيان.ڀارت سان اسان جون 3 جنگيون ٿيون آهن. پاڪستان جا ايٽمي هٿيار رڳو ملڪ جي بچاءُ لاءِ آهن. هن چيو ته اسان ڇڪتاڻ نه امن چاهيون ٿا، هاڻ اسان ڪنهن به قسم جي تڪرار جو حصو نٿا ٿيڻ چاهيون، آمريڪا جي نڪرڻ کان اڳ افغان مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو. عمران خاهن وڌيڪ چيو ته نائن اليون کان پوءِ يورپ ۾ مسلمانن خلاف نفرت وڌي، اولهه ۽ اسان جي ثقافت ۾ گهڻو فرق آهي، اسان جي معاشري ۾ عورت جي پردي جو تصوير فتني کان بچڻ آهي. مون ڪڏهن به نه چيو ته عورتون برقعو پائين، اسان وٽ ڊسڪوز ۽ نائٽ ڪلب نه آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن معاشري ۾ فتنو وڌندو ۽ نوجوانن وٽ پنهنجي جذبن جي اظهار جي ڪا جاءِ نه هجي ته نقصان ٿيندا، جيڪڏهن عورت مختصر ڪپڙا پائيندي ته مرد تي اثر ته پوندو. وزيراعظم چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان لکين ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، اولهه دنيا ۾ ڪشميرين کي نظرانداز ڇو پيو ڪيو وڃي، 8 لک ڀارتي فوجين ڪشمير کي کليل جيل ڪري ڇڏيو آهي، اولهه ۾ ڪشمير مسئلو ڇو نٿو اٿاريو وڃي، منهنجي خيال ۾ اها منافقت آهي.
187