اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 27 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 663 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 34 سيڪڙو، لاهور ۾ 21 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 22 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 24 سيڪڙو، مظفر آباد ۾ 20 سيڪڙو، صوابي ۾ 37 ۽ گلگت ۾ 33 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 39 هزار 17 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 418، پنجاب ۾ 12 هزار 830، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 411، اسلام آباد ۾ 4 هزار 106، بلوچستان ۾ 690، گلگت بلتستان ۾ 306، آزاد ڪشمير ۾ 256 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 94 هزار 352 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 271 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 452 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 49 هزار 838 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 979، بلوچستان ۾ 26 هزار 673، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 827، اسلام آباد ۾ 82 هزار 394، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 37 هزار 147، پنجاب ۾ 3 لک 45 هزار 141 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 32 هزار 677 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 22 هزار 34 آهي جن مان سنڌ ۾ 5 هزار 344 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. پنجاب ۾ 10 هزار 659 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 274 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 775 فوتگيون ٿيون، بلوچستان ۾ 301 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 108 فوتگيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 573 فوتگيون ٿيون. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 41 لک 87 هزار 441 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 639 اسپتالن ۾ 2 هزار 432 مريض علاج هيٺ آهن.
132