115

آمريڪا کي اڏا ڏينداسين ته دهشتگرد پاڪستان کي نشانو ڪندا: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ آمريڪا سان امن لاءِ حصيدار ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي پر پنهنجي سرزمين تي آمريڪي فوجي اڏن جي اجازت نه ڏيندو، اسان اڳ ئي ان جي وڏي قيمت ادا ڪري چڪا آهيون، اسان ۾ هاڻ ان بابت وڌيڪ سهپ نه آهي، افغانستان ۾ ڪو به اسان جو پسنديده نه آهي، ڪنهن به اهڙي حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون جنهن کي افغان عوام جو اعتماد حاصل هجي، خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ هڪ نئين علائقائي ميثاق جي ضرورت آهي. مشهور آمريڪي اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ ۾ لکيل پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانساتن ۾ امن لاءِ آمريڪا سان حصيدار ٿيڻ لاءِ تيار آهي پر افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ کان پوءِ اسان ڪنهن وڌيڪ تڪرار جو خطرو نٿا کڻي سگهون، هن لکيو ته جيڪڏهن پاڪستان افغانستان ۾ بم وسائڻ لاءِ آمريڪا کي اڏا ڏيندو ٿيندو ته ان جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ گهرو ويڙهه ٿيندي ۽ دهشتگرد بدلو وٺڻ لاءِ ٻيهر پاڪستان کي نشانو ڪندا،  اسان ۾ هاڻي ان جي وڌيڪ سهپ نه آهي. آمريڪا افغانستان ۾ 20 سال رهڻ کان پوءِ به جنگ نه کٽي سگهيو ته پاڪستان ۾ اڏا قائم ڪري ڪيئن کٽي سگهندو؟ وزيراعظم پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته افغانستان ڊگهي وقت تائين ڏکيائين جي ور چڙهيل رهيو آهي، اسان جا هڪ جهڙا مفاد آهن، اسان چاهيون ٿا ته اتي تڪرار جو سياسي حل نڪري، استحڪام، اقتصادي ترقي ٿئي ۽ دهشتگردن کي پناهه نه ملي، اسان افغانستان ۾ ڪنهن به فوجي طاقت جي ذريعي اقتدار سنڀالڻ جي خلاف آهيون جنهن ۾ وڌيڪ گهرو ويڙهه جنم وٺندي ڇو ته ڪو به هڪ گروهه پوري ملڪ ۾ ڪاميابي حاصل نٿو ڪري سگهي. ڪنهن به حڪومت جي ڪاميابي لاءِ طالبان جي شموليت ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ پاڪستان افغان پارٽين مان چونڊ ڪري غلطي ڪئي پر اسان ان تجربي مان سکيو آهي، اسان جو ڪو به پسنديده نه آهي ۽ ڪنهن به اهڙي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين جنهن کي افغان عوام جو اعتماد حاصل هجي، تاريخ ثابت ڪري ٿي ته افغانستان کي ٻاهران ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ جنگين سبب ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي، 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوتا آهن، آمريڪا اسان کي 20 ارب ڊالر جي امداد ڏني پر پاڪستاني معيشت کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، پاڪستان ۾ سياحت ۽ سيڙپڪاري متاثر ٿي. وزيراعظم چيو ته آمريڪي ڪوششن جو حصو ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان جي حصيدار هجڻ جي ڪري ان کي نشانو ڪيو ويو ۽ اها صورتحال تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ٻين گروپن پاران اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي جو ڪارڻ ٿي، آمريڪي ڊرون حملا جنهن جي خلاف مون خبردار ڪيو هو، جنگ نه کٽي سگهيا پر ان جي ڪري آمريڪين جي لاءِ نفرت پيدا ٿي ۽ ٻنهي ملڪن جي خلاف دهشتگرد گروپن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سالن تائين منهنجو اهو دليل رهيو آهي ته افغانستان ۾ مسئلي جو ڪو به فوجي حل نه آهي، آمريڪا پاڪستان تي افغانستان سان جڙيل نيم خودمختيار قبائلي علائقن ۾ پهريون ڀيرو فوجي دستا موڪلڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، اتي حملن ۾ عام شهرين کي ٿيل نقصان پاڪستاني فوج جي خلاف خودڪش حملن جو ڪارڻ ٿيو. انهن حملن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستاني فوجين جو تعداد افغانستان ۽ عراق ۾ ٻنهي جاين تي آمريڪي فوجين جي تعداد کان به وڌيڪ هو جڏهن ته ان جي نتيجي ۾ اسان جي خلاف دهشتگردي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. رڳو هڪ خيبرپختونخوا صوبي ۾ 500 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان چيوآهي ته پاڪستان ۾ 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير آهن، جيڪڏهن افغانستان ۾ مسئلي جو سياسي حل نڪرڻ بدران گهرو ويڙهه ٿي ته وڌيڪ پناهگير ايندا ۽ اسان جي سرحدي علائقن ۾ عدم استحڪام ۽ غريبي ۾ واڌ ٿيندي. وزيراعظم پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته افغانستان ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جا مفاد هڪ جهڙا آهن، اسان گهرو ويڙهه  نه پر ڳالهين ذريعي امن چاهيون ٿا. اسان دهشٽگردي جو خاتمو ۽ استحڪام چاهيون ٿا، اسان اهڙي معاهدي جي حمايت ڪريون ٿا جيڪو گذريل ٻن ڏهاڪن دوران افغانستان ۾ ترقي جي ثمرن جي نگهباني ڪري ۽ اسان اقتصادي ترقي ۽ پنهنجي معيشت کي مٿي کڻڻ لآءِ وچ ايشيا ۾ رابطا ۽ واپار چاهيون ٿا. جيڪڏهن افغانستان ۾ وڌيڪ گهرو ويڙهه ٿي ته اسان سڀني کي ان جو نقصان ٿيندو، اهو ئي سبب آهي جو اسان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي پهرين آمريڪين ۽ پوءِ افغان حڪومت سان ويهڻ جي لاءِ وڌيڪ حقيقي سفارتي ڪوشش ڪئي آهي.  اسان ڄاڻون ٿا ته طالبان عسڪري فتح جو اعلان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته ان سان ختم نه ٿيندڙ رتوڇاڻ ٿيندي. اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان حڪومت به ڳالهين ۾ وڌيڪ لچڪ جو مظاهرو ڪندي ۽ پاڪستان تي الزام هڻڻ بند ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو