195

ملڪ جي معاشي مسئلن جو بنيادي تعلق ڪنهن به پارٽي سان نه پر رياست جي نظام سان آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ جي معاشي مسئلن جو بنيادي تعلق مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي يا پي ٽي آءِ سان نه پر رياست جي نظام سان آهي، ساهيوال انرجي پلانٽ ان لاءِ لڳائڻ ضروري هو ته هو لوڊ سينٽر جي ويجهو هو جنهن سان لائين لاسز ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ان سان ڪا به آلودگي نٿي پکڙي، پاڪستان جي ايٽمي پروگرام لاءِ پوري قوم بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن ان تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو بدران 20 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي احسن اقبال چيو ته حڪومت پنهنجي چوٿين بجيٽ ۾ به غير حقيقت پسنداڻا هدف رکيا آهن، بجيٽ جو خسارو 8 کان 9 سيڪڙو تائين ويندو ۽ ملڪ ۾ بجلي گئس ۽ ٻيون ضروري شيون مهانگون ٿينديون، هن چيو ته منهنجو تعلق انهي نسل سان آهي جنهن 30 کان 35 سال هن سياست ۾گذاريا آهن، آئون پنجون ڀيرو هن ايوان جو ميمبر آهيان، هن چيو ته اسان جنهن دور مان گذريا آهيون ان ۾ قوم جي سلامتي ۽ خودمختياري جو دارومدار اقتصادي استحڪام تي آهي، بهترين حڪومتون ۽ خراب حڪومتون اينديون رهنديون آهن، اسان جي لاءِ ضروري آهي ته پاڪستاني طور غلط موسم جي ڪري مسئلن جو تدارڪ ڪريون، هن چيو ته ملڪ جي معاشي مسئلن جو حل بنيادي تعلق مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي يا پي ٽي آءِ سان نه پر رياست جي نظام سان آهي، اسان کي پنهنجي ايڪو سستم کي ايترو مضبوط بنائڻ گهرجي ته اسان 35 ارب ڊالر جي ٻاهرين سيڙپڪاري آڻي سگهون، هن چيو ته ميانمار ۾ به چار کان 6 ارب ڊالر جي غير ملڪي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، اسان جي غير ملڪي سيڙپڪاري ڏيڍ ارب ڊالر تائين اچي وئي آهي، هن چيو ته اسان جي ڪجهه قدمن اسان جي اقتصادي بحالي جي پروگرامن کي ڪريش ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ 2013ع کان 2018ع تائين جو منصوبو ٺاهيو، اسان پنهنجون ترجيحون مقرر ڪري 3200 ارب روپين جي وڏي رقم خرچ ڪئي، اسان جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪري ڏيکاريا. اسان ويندي ويندي ٻارهين پنج سالا منصوبي جو ڊرافٽ ڇڏيو، هاڻي ملڪ ۾ اقتصادي ترقي جو ڪو ويزن نه آهي، دنيا جو ڪو به ملڪ اهڙو ناهي جيڪو منفي سوچ سان اڳتي وڌي، اسان کي ملڪ کي عالمي سطح تي بدنامي کان بچائڻ گهرجي، هن چيو ته بجيٽ هدف رکڻ ڪا وڏي خبر نه آهي اصل ڳالهه انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ آهي. هن تجويزون ڏنيون ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافي بدران 20 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ 10 ارب روپين جو وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي، چانورن جي خصوصي ايڪسپورٽ لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، ويڪسي نيشن لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر مختص ڪيل رقم جو بجيٽ جي ڪتابن ۾ ڪٿي ذڪر نه آهي ان کي واضح ڪيو وڃي، ايل اين جي ، کنڊ ۽ ڪچي تيل تي سيلز ٽيڪس ختم ڪيو وڃي، شاگردن کي امتحانن لاءِ گهٽ وقت ڏيڻ جي معاملي تي رليف ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو