اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر علي نواز اعواڻ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي وڏن مني لانڊرنگ جي ذريعي ٻاهرين ملڪ جائيدادون ٺاهيون آهن ۽ پاناما پيپرز ۾ انهن جو نالو اچڻ سان ٻاهرين ملڪ پاڪستان جي بدنامي ٿي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ڪارڪردگي جي ڪري صنعتون بحال ٿيون آهن ۽ اسان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 30 ارب ڊالر تائين پهچڻ وارا آهن، پيپلزپارٽي جي حڪومت جڏهن رخصت ٿي ته ان وقت ڪرپشن 10 سيڪڙو کان سئو سيڪڙو تائين اچي چڪي هئي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي خيالن جو اظهار ڪندي علي نواز اعواڻ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ميمبر حسن اقبال 35 سالن کان سياست ۾ آهي، سندس چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جڏهن ٻاهر ويندو آهي ته پاڪستان کي ڪرپٽ ڇو چيو ويندو آهي اهو سوال جيڪڏهن نواز شريف سان ڪريون ته ان جو جواب ملي وڃي ته مني لانڊرنگ جي ذريعي هنن ٻاهرين ملڪ جائيدادون وڌايون، پاناما پيپرز ۾ انهن جو نالو ان لاءِ آيو آهي ته هنن مني لانڊرنگ ڪئي، هن چيو ته انهن جي دور ۾ ملڪ کي گري لسٽ ۾ وڌو ويو، مفتاح اسماعيل چوندو هو ته اسحاق ڊار ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ويو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت صنعتي پاليسي ڏني جنهن سان صنعتون بحال ٿيون، ۽ اسان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 30 ارب ڊالر تائين پهچڻ وارا آهن، انهن طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت تي تنقيد درست نه آهي.
186