اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري مطالبو ڪيو آهي ته بجيٽ تجويزن لاءِ پري بجيٽ سيشن ضرور هجڻ گهرجي، آءِ ايم ايف معاهدي جون شرطون ايوان ۾ پيش ڪيون وڃن، اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ آئيني گهرج آهي ان جو وقت سر اعلان ڪيو وڃي، ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو 25 سيڪڙو ڪيو وڃي ۽ گهٽ کان گهٽ اجرت 25 هزار روپيا مقرر ڪئي وڃي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي شازيه مري چيو ته اسير اسيمبلي ميمبرن خواجه آصف، سيد خورشيد شاهه ۽ علي وزير جي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسپيڪر پروڊڪشن آرڊار جاري ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي تڪ جي عوام جي نمائندگي ڪري سگهي، هن بجيٽ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پيپلزپارٽي بجيٽ سان اتفاق نٿي ڪري، مهانگائي عروج تي آهي، ضروري شيون ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن، حڪومت سڀ ٺيڪ آهي جي رپورٽ ڏئي رهي آهي جيتوڻيڪ سڀ ٺيڪ نه آهي، شازيه مري چيو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري هن ايوان ۾ بيهي حڪومت کي مدد جي آڇ ڪئي هئي، هن چيو ته بجيٽ جو اهم حصو وسيلن جي ورڇ آهي،هن ڀيري به اين ايف سي ايوارڊ جاري نه ٿي سگهيو، هن چيو ته آئين موجب اقتصادي ڪائونسل جا سال ۾ ٻه اجلاس ٿيندا آهن جڏهن ته ان جي به خلاف ورزي ڪئي وئي، هن چيو ته سنڌ صوبو ورڇ جوڳي پول مان 70 سيڪڙو حصو ادا ڪندو آهي، سنڌ جي حصي ۾ 106 ارب روپيا گهٽ ڪيا ويا آهن، انهن حالتن ۾ صوبو ڪهڙي طرح ترقياتي پروگرام جي منصوبابندي ڪندو، هن چيو ته سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو تمام گهٽ آهي، ان کي 25 سيڪڙو ڪيو وڃي.
