143

ڪورنگي جي بلال ڪالوني ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿان نوجوان گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورنگي جي بلال ڪالوني ۾ نامعلوم هٿيار بندن گهر ٻاهران بيٺل هڪ جوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. تفصيل مطابق ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد ۾ واقع بلال ڪالوني جي پختون چوڪ تي نامعلوم هٿيار بندن گهر جي ٻاهران بيٺل 39 ورهين جي رحمان ولي پٽ گل آدم کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. مقتول جي لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ ذاتي دشمني لڳي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو