لاهور (ويب ڊيسڪ) پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر کاتي جي سيڪريٽري ساره اسلم چيو ته پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا 76 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن سبب متاثرن جو انگ 3 لک 45 هزار 141 ٿي ويو آهي. ساره اسلم مطابق لاهور ۾ 30، شيخوپوره 2، راولپنڊي 2، اٽڪ هڪ ۽ چڪوال 2، سيالڪوٽ 4، ملتان 6، خانيوال 2، فيصل آباد 12، راجن پور 1، رحيم يار خان ۾ 8، ساهيوال 3، ميانوالي 1، ساهيوال 1، پاڪپتن ۾ 1 ڪيس سامهون آيو آهن. هن چيو ته لاهور ۾ وڌيڪ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن بعد فوتگين جو انگ وڌي 4294 ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو سڄي صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 17 فوتگين بعد فوتگين جو ڪل انگ 10659 ٿي چڪو آهي.
123