پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي پسگردائي واري علائقي چمڪني ۾ هٿياربندن جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ سبب قتل ٿيل ماڻهن جو انگ 7 ٿي ويو. فائرنگ سبب قتل ٿيلن ۾ 4 ٻار، 2 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن. قتل مسمات بانو عمر 30 سال، سلمان عمر 8 سال، جلال عمر 6 سال، سليم عمر 12 سال، حبيب الله عمر 56 سال، سميا عمر 2 سال ۽ شڪيله عمر 25 سال شامل آهن. لاشن کي پشاور جي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش انهن جي اباڻن علائقن ڏانهن روانو ڪيا ويا آهن.
117