194

لياري ۾ جيالن جو جلسو مخالفن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي: اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته مخالف چون پيا ته پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ ڪمزور ٿي چڪي آهي، انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پيپلزپارٽي ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط ٿي آهي، لياري ۾ جيالن جو جلسو مخالفن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد بينظير ڀٽو جي 68 هين سالگرهه واري جلسي ۾ ڪيو. هن چيو ته لياري وارن کي جوش، جذبو شهيد بينظير ڀٽو ڏنو، جيالن لياري ۾ وڏو رنگ لڳايو آهي، ايڏو وڏو جلسو ڏسي 70 ۽ 88 ياد اچي رهي آهي، سيد قائم علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي لياري ۾ روزگار، نوڪريون ڏنيون ۽ روڊ رستا ٺهرايا. ان موقعي تي جلسي کي اطلاعات واري وزير ناصر شاهه، سعيد غني، جاويد ناگوري، وقار مهدي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو