190

شهناز انصاري قتل ڪيس ۾ نامزد ملزم جي ضمانت واري درخواست تي ٻُڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پ پ جي قتل ٿي ويل سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر شهناز انصاري قتل ڪيس ۾ نامزد ملزم جي ضمانت جي درخواست تي ٻُڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي 2 رڪني بينچ ڪيس ٻُڌڻي ڪئي. عدالت ۾ مقتول ايم پي اي جي ڌيءُ ڊاڪٽر فاطمه انصاري ۽ وڪيل عدالت آڏو پيش ٿيا ۽ عدالت کي ٻُڌايو ويو ته شهناز انصاري قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت مان سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست تي ٻُڌڻي ٿي رهي آهي. ماتحت عدالت اڃا تائين حتمي فيصلو ناهي ڪيو. هاءِ ڪورٽ سکر بينچ نامزد ملزم جي ضمانت واري درخواست تي ٻُڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ڪيس جي منتقليءَ جو فيصلو اچڻ تائين دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوشهروفيروز کي ڪيس جو ٽرائل هلائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اي ٽي سي ڪورٽ ڪيس هلائي، باقي ڪوبه فيصلو نه ڏنو وڃي. واضح رهي ته هڪ سال اڳ نوشهري فيروز سان تعلق رکندڙ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر شهناز انصاري کي ملزم فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو. قتل ٿي ويل شهناز انصاري جي ڌيءُ ڊاڪٽر فاطمه انصاري جو چوڻ آهي ته ملزم ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسان عدالت کان انصاف چاهيون ٿا، قانون مطابق ملزمن کي سزا ڏياري وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو