لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت طرفان 2 ڪينالن تي ٻَڌل گهرن جي مالڪن کي موڪليل لگزري ٽيڪس نوٽيس معطل ڪري ڇڏيا. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته بادي النظر ۾ ايڪسائيز کاتو ٽيڪس ريڪوري جي لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پورا نه ڪيا آهن. جسٽس جواد حسن درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. درخواست ۾ پنجاب حڪومت ۽ ڊي جي ايڪسائيز سميت ٻين کي ڌُر بڻايو ويو. عدالت باور ڪرايو ته فيئر ٽرائل هر شهريءَ جو حق آهي، ايڪسائيز کاتي کي جلد بازيءَ جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي. عدالت آڏو درخواستگذار جو وڪيل بئريسٽر هارون دوگل دليل ڏيندي مؤقف اختيار ڪيو ته 4 ڪينالن تي ٻَڌل گهر جي مالڪ کي ايڪسائيز کاتي لگزري ٽيڪس جي مد ۾ 65 لک رپين جو نوٽيس موڪليو. سال 2014ع ۾ عدالت 500 کان وڌيڪ درخواستگذارن کي لگزري ٽيڪس موڪليا ويا پر نوٽيس ڪالعدم قرار ڏيندي ايڪسائيز کاتي کي قاعدن ۽ ضابطن تحت ٽيڪس وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ايڪسائيز کاتو ٻيهر ٽيڪس قانونن جي خلاف ورزي شروع ڪري ڇڏي. درخواست قاعدن ۽ ضابطن جي پورائيءَ کانسواءِ 4 ڪينالن جي گهرن جي مالڪن کي 36 لک تي لگزري ٽيڪس ۽ 29 لک رپيا سرچارج لاڳو ڪندي نوٽيس موڪليا آهن. درخواستگذار گذارش ڪئي ته ڌُرين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ درخواست جي حتمي فيصلي تائين نوٽيس تي عملدرآمد روڪي وڃي.
198