اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پيپلزپارٽي جي اسيمبلي ميمبر سيد مصطفيٰ محمود جي بجيٽ تقرير کي ساراهيو. اڱاري ڏينهن اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث دوران سيد مصطفيٰ محمود جڏهن بجيٽ تقرير ڪري رهيو هو ته اسپيڪر کائنس پڇاڻو ڪيو ته ڇا هو قومي اسيمبلي جي ڪنهن ڪميٽي جو ميمبر آهي جنهن تي هن چيو ته هو نجڪاري ڪميٽي جو ميمبر آهي، اسپيڪر چيو ته هو پيپلزپارٽي کي سفارش ڪري ٿو ته توهان کي فنانس ڪميٽي ۾ هجڻ گهرجي، جڏهن هن پنهنجي بجيٽ تقرير مڪمل ڪئي ته اسپيڪر کيس شاباش ڏني ۽ چيو ته سيد مصطفيٰ محمود جي بهترين تياري هئي، هن ايوان ۾ اهڙي قسم جو ئي بامقصد مذاڪرو ٿيڻ گهرجي.
