ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماضي ۾ کاتي جي عملدارن ۽ ڪي ايم سي جي ملي ڀڳت سان عوامي ڀلائي جي پلاٽن کي رهائشي ۽ واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، سڄي شهر ۾ غير قانوني تعميرات ڪيرائڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب متاثر ماڻهن سان اڱاري ڏينهن هتي گورنر هائوس ۾ ملاقات۾ صدر چيو ته چيف جسٽس رهائشي ۽ عوامي ڀلائي جي پلاٽن تي غير قانوني طريقي سان الاٽمينٽ ۽ عمارتن جي تعمير کي روڪڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن، هن بلڊرز تي به زور ڏنو ته هو پنهنجو رويو تبديل ڪن ۽ ان طرح جي معاملن کي ذميداري سان اڪلائين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي متاثر ماڻهن کي خاطري ڪرائي ته انهن جي قانوني خدشن کي مختلف فورمز تي پنهنجي انداز ۾ کڻنداسين، ان کان اڳ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپز (آباد) جي ميمبرنن، نسله ٽاور، گجر ناله، آله دين پارڪ جي رهواسين ۽ سائوٿ سٽي اسپتال جي نمائندن سميت عدالت جي غير قانوني اڏاوتن کي ڪيرائڻ جي حڪمن سبب متاثر ماڻهن صدر کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته عدالت جي حڪمن سان 40 کان 50 هزار خاندان متاثر ٿيندا، هن چيو ته اهڙي غير قانوني اڏاوتن جي اجازت ڏيڻ ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف ڪنهن به ڪارروائي جو حڪم ڏيڻ گهرجي، نسله ٽاور جي رهواسين صدر کي آگاهه ڪيو ته عمارت کي لاڳاپيل آفيسرن منظور ڪيو هو، شرڪت ڪندڙن صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي آگاهه ڪيو ته عدالتي حڪمن جي روشني ۾ 900 جي لڳ ڀڳ عمارتون ڪيرايون وينديون، متاثر ماڻهن صدر کي پنهنجا خدشا ختم ڪرڻ ۾ مدد جي درخواست به ڪئي.
