اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ رپئي جي ڪرپشن نه ڪرڻ جي دعويدار شهباز شريف پنهنجي شگر ملز ملازمن وسيلي 25 ارب جي مني لانڊرنگ ڪئي، شهباز شريف ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ڌنڌي جي لاءِ پنهنجي نائب قاصد، ڪلرڪ، ڪيشيئرز ۽ مئنيجرز جا بئنڪ اڪائونٽس استعمال ڪيا. ڪالهه اڱاري ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ادارا ڪرپشن جو سوال پڇن ته جواب ڏين ٿا ته سلمان جواب ڏيندو ۽ سلمانک ي ملڪ مان فرار ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته شهباز شريف قانون جي حڪمراني تسليم ڪندي پنهنجي مفرور پٽ سليمان شهباز کي لنڊن مان واپس گهرائي ۽ ادارن آڏو پاڻ کي پيش ڪن.
196