115

ڌمڪين سان ڊيڄارڻ عمران خان جي ڀل آهي، کيس آڻيندڙ پڇتائين پيا، عام چونڊن ۾ سرپرائز ڏينداسين: آصف علي زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڌمڪين سان ڊيڄارڻ عمران خان جي ڀل آهي، کيس آڻيندڙ پڇتائين پيا، عام چونڊن ۾سرپرائز ڏينداسين. اهڙو اظهار هن ساڻس ملاقات ڪندڙ پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان ڳالهائيندي ڪيو. لاهور ۾ پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي بلاول هائوس تي پهچي اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪئي. بلاول هائوس تي پهچڻ وقت آصف علي زرداري پاڻ کيس کيڪاري مان ڏنو. ملاقات ۾ ملڪ جي ۽ خاص طور تي پنجاب جي سياسي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ  پرويز الاهي سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان ته ڪڏهن به سياستدان ئي نه هو، ان کي جن آندو اهي به هاڻي پڇتائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ۽ ان جا وزير سمجهن ٿا ته اهي ڌمڪين سان سنڌ حڪومت کي ڊيڄاري وٺندا ته اها سندن ڀل آهي. اسان ته آمرن جو به مقابلو ڪيو هي  ڪهڙي شئي آهن. هن چيو ته بلاول ڀٽو اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هو بهترين اپوزيشن ڪرڻ ڄاڻي ٿو، ڏکڻ پنجاب جا اهم ماڻهو جلد پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندا. ايندڙ عام چونڊن ۾سرپرائز ڏينداسين. آصف علي زرداري چوڌري پرويز الاهي کي چيو ته توهان ته اسان جا به اتحادي رهيا آهيو ۽ هن حڪومت جا پڻ اتحادي آهيو، هاڻي توهان کي فرق جو ته پتو پئجي ويو هوندو. ان تي  چوڌري پرويز الاهي چيو ته اسين پي ٽي آءِ جا اتحادي رڳو چونڊن تائين آهيون، اسان انهن جا اتحادي هئڻ جي باوجود حڪومت جي پاليسين جي ڪيترائي ڀيرا مخالفت ڪري چڪا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سمورين اسيمبلين ۾ ڇڪتاڻ ٿي آهي پر پنجاب اسيمبليءَ ۾ ايئن ٿيڻ نه ڏنوسين. هن چيو ته  قومي اسيمبليءَ ۾ بلاول ڀٽو جي تقرير ڪيترائي ڀيرا ٻڌي آهي هو  وزنائتي ڳالهه ڪري ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو