187

وفاقي حڪومت پنجاب وانگر سنڌ کي به وڏا منصوبا ڏي، گورنر بدران پاڻ مون سان سڌو ڳالهائي: مراد شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  چيو آهي ته وفاقي حڪومت پنجاب وانگر سنڌ کي به وڏا منصوبا ڏي. گورنر وفاق جي گهڻي نمائندگي نه ڪري. وفاق کي مون سان سڌو سنئون رابطو ڪرڻ گهرجي، گورنر ذريعي نه ڳالهايو وڃي. اها هن ڳالهه نادرا ڊي ايڇ اي آفيس ۾ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ واري افتتاحي تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته گهٽيون ۽ ناليون صاف ڪرائڻ وزيراعظم جو ڪم نه آهي. هن چيو ته مون کي خبر نه آهي ته 26 ارب روپين جي ويڪسين ڪيڏانهن وئي. ڪوبه صوبو ڪورونا ويڪسين پاڻ خريد نه پيو ڪري پر وفاقي حڪومت اها ويڪسين خريد ڪري صوبن کي ڏئي رهي آهي. وزيراعظم اين سي او سي جي اجلاس ۾ صوبن کي هدايت ڪئي هئي ته ويڪسينشن وارو عمل تيز ڪيو وڃي ۽ اسان ايندڙ ٽن مهينن ۾ 10.8 ملين ماڻهن جي ويڪسين ڪرائڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته بني گالا ريگيولر ٿي چڪو آهي پر گجر نالي جي رهواسين جي گهرن کي ڊاهيو پيو وڃي، نسلا ٽاور لاءِ سپريم ڪورٽ جو واضح فيصلو آهي، سپريم ڪورٽ بلڊر کي هدايت ڪئي آهي ته اهو رهائشين کي معاوضو ڏي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب اسان جي ويڪسين کي قبول نٿو ڪري ته اها اسان جي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي آهي، يو اي اي ڀارتي ايئرلائينز کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي پر پاڪستان جي ايئرلائنز کي اجازت نه ڏني آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رين ايمرجنسي پلان تي ڪم هلي رهيو آهي، موسمي تبديلي جا اثر هاڻي ظاهر ٿي رهيا آهن، سامونڊي طوفان، برساتون ۽ طوفاني جَهڪَون موسمي تبدليين جو نتيجو آهن. هن چيو ته آئون شهباز گِل جي ڪنهن سوال جو جواب نه ڏيندس، شهباز گِل کي جواب ڏيڻ لاءِ ان جهڙو ئي ڪو ماڻهو ڳولهي رهيا آهيون. ان کان اڳ تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن نادرا جي سهڪار سان سڪسيشن سرٽيفڪيٽ جو ڪم شروع ڪيو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ عدالت پاران جاري ڪيا ويندا هئا، ڄاڻايل سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن اندر نادرا جي لاڳاپيل آفيس مان حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ مطابق عدالت جو ٽوٽل ڪم جو 30 سيڪڙو سڪسيشن سرٽيفيڪيٽ تي ٻڌل هوندو آهي. سنڌ حڪومت قانون ۾ ترميم ڪري سڪسيشن اينڊ ليٽر آف ايڊمنسٽريشن جاري ڪرڻ وارو ڪم نادرا ذريعي ڪيو آهي.  نادرا جي آفيس ۾ فوتي جو سرٽيفڪيٽ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ قانوني وارثن پاران قانوني ليٽر جون ڪاپيون جمع ڪرائي ڄاڻايل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته نادرا سڪسيشن سرٽيفڪيٽ لاءِ ون ونڊو آپريشن شروع ڪيو آهي هاڻي اهو سڪسيشن سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ نادرا وٽان حاصل ڪري سگهجي ٿو. سنڌ حڪومت هڪ لک روپين کان وڌيڪ ملڪيت جي صورت ۾ سيڪسين سرٽيفيڪٽ جي فيس 22 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي جڏهن ته هڪ لک کان گهٽ ملڪيت هجڻ جي صورت ۾ فيس 10 هزار روپيا رکي آهي. سنڌ حڪومت جو هيءَ انقلابي قدم عوام لاءِ سهولت ثابت ٿيندو. هن چيو ته نادرا ذريعي سڄي صوبي اندر سهولت ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا ۽ ان تي ڪم 25 جون تائين شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته نادرا جو ڪم بهترين آهي ان ڪري سڪسيشن سرٽيفڪيٽ جو ڪم پڻ سٺي ريت هلندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پينشن ڏيڻ جو ڪم نادرا پاڻ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن نادرا جي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ۾ غلطيون آهن ته انهن کي صحيح پڻ ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته اسان 28 جون تي بجيٽ پاس ڪنداسين ۽ ليبر ڪارڊ پڻ نادرا ذريعي شروع ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو