اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران حڪومتي ميمبر پاڻ ۾ اٽڪي پيا، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سيف الرحمان جي تقرير دوران نور عالم ٻين ميمبرن سان ڪچهري ڪندو رهيو، جنهن تي سيف الرحمان کين چيو ته چپ ڪري ويهو، مداخلت نه ڪيو،مان ڊسٽرب ٿي رهيو آهيان، جنهن کانپوءِ نور خان عالم ناراض ٿي ويو،هن کيس چيو ته توهان تقرير ڪري ڏيکاريو. جنهن تان ٻئي آمهون سامهون ٿي ويا. ٻين معاملي کي ٽاريو.
206