ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ عثمان ڪاڪڙ جو جناح اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ايم ايل او جي شروعاتي رپورٽ عثمان ڪاڪڙ جي موت طبعي آهي، جسم تي تشدد جا نشان نه هئا، رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي جناح اسپتال ۾ايم ايل او پنهنجي رپورٽ ۾موت طبعي قرار ڏنو آهي، جڏهن ته عثمان ڪاڪڙ جو موت برين هيمبريج جي ڪري ٿيو آهي، جسم تي تشدد جا ڪي به نشان نه هئا،مختلف حصن تي سرجري جا نشانا هئا. پوسٽ مارٽم جي مڪمل رپورٽ هڪ هفتي بعد ايندي.
199