205

ايران جو سياسي نظام ڪيئن ڪم ڪري ٿو..؟؟

سنڌيڪار: سرمد جتوئي

مجلس خبرگان رهبري: ان مجلس ۾ 88 ديني عالم هوندا آهن ۽ هي رهبر اعليٰ کي مقرر ڪرڻ يا ان جي ڪارڪردگي جي نگراني جو ذميوار ادارو آهي. جيڪڏهن اها مجلس محسوس ڪندي ته سپريم ليڊر پنهنجيون ذميواريون نڀائڻ کان قاصر آهي ته مجلس وٽ کيس هٽائڻ جو حق به آهي، جيتوڻيڪ ائين ڪڏهن ڏٺو ناهي ويو ته هن مجلس سپريم ليڊر جي فيصلن کي چئلينج ڪيو هجي پر اها مجلس ان لاءِ اهم آهي ڇو ته موجوده 82 ورهين جي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي صحت جي حوالي سان ڳڻتي ڏٺي وڃي ٿي. جيڪڏهن سپريم ليڊر پنهنجيون ذميواريون نڀائڻ جي قابل نٿو رهي ته ان جي جانشين جي چونڊ لاءِ مجلس هڪ ڳجهي راءِ شماري ڪندي ۽ سادي اڪثريت تحت نئين رهبر اعليٰ جو فيصلو ڪندي. مجلس جي ميمبرن جون سڌي ريت چونڊون هر 8 سالن کانپوءِ ٿين ٿيون ۽ آخري ڀيرو اهي چونڊون 2016ع ۾ ٿيون، جنهن ۾ اعتدال ۽ اصلاح پسند اڳواڻن تقريبن 60 سيٽون کٽيون هيون، گذريل مجلس ۾ انهن جو انگ 25 سيڪڙو کان گهٽ هو، جڏهن ته ان مجلس جو موجوده سربراهه آيت الله احمد جنتي آهي جيڪو شوريٰ نگهبان جو به سربراهه آهي. مجمع تشخيص مصلحت نظام: هي ڪائونسل سپريم ليڊر جي مدد ڪري ٿي ۽ پارليامينٽ ۽ نگهبان شوريٰ وچ ۾ قانونسازي ۾ اختلافن جي صورت ۾ قانوني حل ڳولي ٿي، سپريم ليڊر ان جي 45 ميمبرن کي مقرر ڪري ٿو ۽ اهي سمورا فرد مشهور مذهبي، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ هوندا آهن، هن مجلس جو موجوده سربراهه آيت الله صادق عاملي لاري جاني آهي.مجلس خبرگان رهبري: ان مجلس ۾ 88 ديني عالم هوندا آهن ۽ هي رهبر اعليٰ کي مقرر ڪرڻ يا ان جي ڪارڪردگي جي نگراني جو ذميوار ادارو آهي. جيڪڏهن اها مجلس محسوس ڪندي ته سپريم ليڊر پنهنجيون ذميواريون نڀائڻ کان قاصر آهي ته مجلس وٽ کيس هٽائڻ جو حق به آهي، جيتوڻيڪ ائين ڪڏهن ڏٺو ناهي ويو ته هن مجلس سپريم ليڊر جي فيصلن کي چئلينج ڪيو هجي پر اها مجلس ان لاءِ اهم آهي ڇو ته موجوده 82 ورهين جي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي صحت جي حوالي سان ڳڻتي ڏٺي وڃي ٿي. جيڪڏهن سپريم ليڊر پنهنجيون ذميواريون نڀائڻ جي قابل نٿو رهي ته ان جي جانشين جي چونڊ لاءِ مجلس هڪ ڳجهي راءِ شماري ڪندي ۽ سادي اڪثريت تحت نئين رهبر اعليٰ جو فيصلو ڪندي. مجلس جي ميمبرن جون سڌي ريت چونڊون هر 8 سالن کانپوءِ ٿين ٿيون ۽ آخري ڀيرو اهي چونڊون 2016ع ۾ ٿيون، جنهن ۾ اعتدال ۽ اصلاح پسند اڳواڻن تقريبن 60 سيٽون کٽيون هيون، گذريل مجلس ۾ انهن جو انگ 25 سيڪڙو کان گهٽ هو، جڏهن ته ان مجلس جو موجوده سربراهه آيت الله احمد جنتي آهي جيڪو شوريٰ نگهبان جو به سربراهه آهي. مجمع تشخيص مصلحت نظام: هي ڪائونسل سپريم ليڊر جي مدد ڪري ٿي ۽ پارليامينٽ ۽ نگهبان شوريٰ وچ ۾ قانونسازي ۾ اختلافن جي صورت ۾ قانوني حل ڳولي ٿي، سپريم ليڊر ان جي 45 ميمبرن کي مقرر ڪري ٿو ۽ اهي سمورا فرد مشهور مذهبي، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ هوندا آهن، هن مجلس جو موجوده سربراهه آيت الله صادق عاملي لاري جاني آهي. عدليا جو سربراهه: ايران جي چيف جسٽس کي سپريم ليڊر مقرر ڪري ٿو ۽ هو ان آڏو جوابده آهي، ان جي ذميواري پنهنجي عدالتن ۽ ججن ذريعي ملڪ ۾ اسلامي قانون کي لاڳو ڪرڻ آهي، موجوده چيف جسٽس ابراهيم رئيسي آهي، جيڪو صدارتي اميدوار به آهي.ايران جي 8 ڪروڙ 30 لک واري آبادي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪروڙ 80 لک ماڻهن جي عمر 18 سالن کان وڌيڪ آهي ۽ اهي ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ جو حق رکن ٿا، اليڪٽوريٽ جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، ڇو ته ملڪ ۾ تقريبن اڌ آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن جي آهي. 1979ع جي انقلاب کانپوءِ ايران ۾ 2020ع جي پارلياماني چونڊن کانسواءِ سمورين اليڪشن ۾ ووٽر ٽرن آئوٽ مسلسل 50 سيڪڙو کان وڌيڪ رهيو آهي. ايران جي هٿياربند فوج ۾ سپاهه پاسداران انقلاب اسلامي ۽ عام فوج شامل آهن، پاسداران انقلاب کي اسلامي نظام جي تحفظ ۽ فوج ۾ جوابي توازن برقرار رکڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو، اها ايران ۾ معاشي ۽ سياسي اثر رکي ٿي ۽  ان جا سپريم ليڊر سان ويجها لاڳاپا هوندا آهن. پاسداران انقلاب جي پنهنجي بري، فضائي ۽ بحري فوج آهي ۽ اها ايران جي اسٽريٽجڪ هٿيارن جي نگراني ڪري ٿي. فوج جي سينيئر ڪمانڊر کي سپريم ليڊر مقرر ڪري ٿو، جيڪو ان جو ڪمانڊر ان چيف به آهي ۽ اهو ڪمانڊر صرف سپريم ليڊر آڏو جوابدهه آهي. ڪابينا جي ميمبرن يا وزيرن جي ڪونسل کي صدر چونڊي ٿو، انهن کي پارليامينٽ جي منظوري حاصل ڪرڻي هوندي آهي ۽ پارليامينٽ وزيرن خلاف بي اعتمادي به منظور ڪري سگهي ٿي، ڪابينا جي سربراهي ۾ صدر يا ڪابينا جي معاملن جو ذميوار نائب صدر ڪن ٿا.ايران جو نئون چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي ايراني عدليا جو سربراهه آهي ۽ سختگير نظرين جو حامي آهي. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته هو ايراني جي رهبر اعليٰ آيت الله علي خامنه اي جو متوقع جان نشين به ٿي سگهي ٿو.ابراهيم رئيسي 1988ع ۾ تهران جي اسلامي انقلاب جي عدالت جو ڊپٽي پراسيڪيوٽر رهيو، هو مشهد ۾ امام رضا عه جي روضي آستانائي قدس رضاويءَ جو نگران به رهي چڪو آهي ۽ هو ماهرن جي ان طاقتور اسيمبلي جو به ميمبر آهي، جيڪا سپريم ليڊر جي مقرري يا هٽائڻ جي ذميوار آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو