147

ڇا هاڻ وڏين فوجن جي مقررين جو دور ختم ٿي رهيو آهي؟؟

ليکڪ: فرينڪ گارڊنر

هلندڙ مهيني مغربي ملڪن جي فوج افغانستان مان نڪرڻ لاءِ ريس لڳائي رهي آهي، فرانس مالي ۾ پنهنجي فوج ۾ نمايان گهٽتائيءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عراق ۾ برطانوي ۽ ٻين مغربي ملڪن جي فوج جو هاڻ ڪو جنگي ڪردار نه رهيو آهي، صدر جارج ڊبليو بش جي دهشتگردي خلاف نام نهاد جنگ جي 20 سالن کانپوءِ ڇا هاڻ پري پري وارن علائقن ۾ فوجن جي وڏي پئماني تي مقرري جو دور ختم ٿي رهيو آهي؟ ان جو جواب آهي ته اڃا نه، ڇو ته اڃا ساحل يعني اتر ۾ آفريڪا جي صحرا کان وٺي ڏکڻ ۾ سوڊان جي سوانا تائين وارن علائقن ۾ جهادين سان وڙهڻ لاءِ اڃا به خاطر خواهه ارادا نظر اچن ٿا، پر هاڻ انهن مشنز کي ڪهڙي طرح انجام ڏنو وڃي، ان بابت بنيادي سوچ ۾ تبديلي اچي رهي آهي، وڏي پئماني تي ڊگهي مدي واريون مقرريون انتهائي مهانگيون ثابت ٿيون آهن، انهن ۾ جاني ۽ مالي نقصان سان گڏ ملڪي سطح تي سياسي نقصان به سامهون آيا آهن، افغانستان ۾ آمريڪا جي قيادت هيٺ فوج جي مقرري تي هڪ کرب ڊالرن کان وڌيڪ خرچ آيو آهي ۽ هزارين جانيون ضايع ٿيون آهن، جن ۾ افغان فوج، افغان شهري، مغربي فوج جا اهلڪار ۽ ان جا باغي دشمن سڀ شامل آهن، 2010ع ۾ پنهنجي عروج واري دور ۾ افغانستان ۾ مغربي فوجين جو انگ هڪ لک هو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ هو، جڏهن ته هاڻ 20 سالن کانپوءِ اتي ڪجهه هزار فوجي باقي رهجي ويا آهن ۽ اهي به هاڻ اتان جلد نڪرڻ جي تياري ۾ آهن، ڇو ته ظاهري طور طالبان جو وڌ کان وڌ علائقن تي قبضو ٿي رهيو آهي، ويڙهاڪن جو مقابلو ڪرڻ ۾ جيترو وڌيڪ عرصو لڳندو اوترائي وڌيڪ فوجي به شامل هوندا ۽ اهي امڪاني طور تي ايترين ئي پريشانين جو سبب به بڻجندا، انهن ۾ سڀ کان واضح جانين جي نقصان جي شرح آهي ۽ اهو هڪ اهڙو رجحان آهي، جيڪو فوج موڪليندڙ ملڪن لاءِ ڪرنگهي جي هڏي ثابت ٿي سگهي ٿو، ويٽنام جي جنگ ۾ 58 هزار کان وڌيڪ آمريڪي ۽ افغانستان ۾ 15 هزار کان وڌيڪ سوويت فوجي ماريا ويا هئا ۽ اهي ئي اهي عمل رهيا جن جي ڪري انهن مهمن کي جلد ئي ختم ڪيو، فرانس مالي ۾ 2013ع کان هن وقت تائين صرف 50 کان ڪجهه وڌيڪ فوجي وڃايا آهن، پر فرانس ۾ ان مشن وڏي حد تائين پنهنجي حمايت وڃائي ڇڏي آهي، ان کانسواءِ مالي خرچ هوندا آهن، جيڪي مستقل طور تي اندازي کان وڌندا ويندا آهن، جڏهن سعودي عرب 2015ع  ۾ يمن جي گهرو ويڙهه ۾ مداخلت جي شروعات ڪئي ته ان کي اها توقع ئي نه هئي ته 6 سالن کانپوءِ به اتي وڙهڻو پوندو، سعودي خزاني مان ان تي هن وقت تائين 100 ارب ڊالر خرچ اچي چڪو آهي، انساني حقن بابت ڳڻتي به فوجي مهم کي پٽڙي تان لاهي سگهي ٿي ۽ اها به ان وقت جڏهن ان جي سڀ کان گهٽ اميد ٿي رهي هجي،  آمريڪي فضائي حملن ۾ افغان شادين جي پارٽين کي نشانو بڻائڻو هجي يا وري يمن ۾ سعودي هوائي حملن ۾ عام شهرين جو موت هجي يا وري اتي عرب امارات جي اتحادين طرفان انساني حقن جي پائمالي هجي انهن سڀني سببن جي ڪري انهن ملڪن جي ساک تي وڏو اثر پيو آهي. گڏيل عرب امارتن کي يمن جي جنگ تان هٿ کڻڻ جو اشارو ڪرڻ ۾ قيدين جو موت اهم سبب بڻيو، جڏهن جهاز جي اندر بند ڪنٽينرن ۾ قيدين جي موت جون ڪهاڻيون ٻاهر آيون، وري اهو به امڪان موجود رهي ٿو ته ڪٿي ميزبان حڪومت کي دشمن کي اقتدار ۾ ڀائيوار نه بڻائڻو پئجي وڃي. مالي ۾ اهڙا اطلاع آهن ته حڪومت جهادين سان ڳجهي ريت ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف آهي، جيڪا صدر ايمنول ميڪخوان فرانسيسي جي فوج جي مڪمل نيڪالي جي ڌمڪي جو سبب بڻي آهي. عراق جي صورتحال بابت برطانوي فوج جي رٽائرڊ ڪرنل جيمز ڪنليف جو چوڻ آهي ته اتي اڃا به ايران ۽ خاص طور تي شيعا ويڙهاڪن جي اثر ۽ رسوخ بابت وڏي حد تائين ڳڻتي موجود آهي.افغانستان ۾ جن طالبانن کي 2001ع ۾ اقتدار تان هٽايو ويو هو، هاڻ انهن جي واپسي متوقع آهي، مغربي سيڪيورٽي عهديدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهي حڪومت جو حصو بڻجي وڃن ٿا ته افغانستان کي ملندڙ انٽيليجنس جو سمورو تعاون ختم ٿي ويندو. اهو واضح آهي ته ناڪام رياستن ۽ خطرناڪ آمرن جي مسئلي جو ڪو آسان جواب نه آهي، اچو ته تازن ڪجهه مثالن تي نظر وجهون ٿا. عراق 2003ع کان هن وقت تائين: برطانيا جي تعاون سان آمريڪا جي قيادت هيٺ وڏي پئماني تي فوجي يلغار ٿئي ٿي ۽ ان کان پوءِ سالن تائين قبضي ۽ خوني بغاوت جو سلسلو جاري رهي ٿو، تازي اڳڀرائي جي باوجود ان سموري ڪوشش جو تجربو ان حد تائين خوفناڪ رهيو ته وچ اوڀر ۾ وڏي پئماني تي فوجي مداخلت سان سياستدان گهٽ ۾ گهٽ هڪ نسل يا ان کان وڌيڪ ڏينهن تائين پري رهندا. ليبيا 2011ع کان اڄ تائين: نيٽو طرفان مختصر عرصي تائين نو فلاءِ زون لاڳو ڪيو هو، پر اتي وڏي پئماني تي مغربي ملڪن جي فوجن کي زمين تي نه لاٿو ويو، اهو 2011ع ۾ قذافي جو اقتدار ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، پر ان کانپوءِ هي ملڪ گهرو ويڙهه ۽ جهادي سازشن جو شڪار ٿي ويو، شروعاتي طور تي ليبيا شڪر جو اظهار ڪيو پر پوءِ مغربي ملڪن طرفان هٿ ڪڍڻ تي ناراض ٿي ويو. شام 2011ع کان هن وقت تائين: مغربي طاقتون صدر بشار الاسد ۽ شامي باغين وچ ۾ گهرو ويڙهه ۾ شامل ٿيڻ ۾ انتهائي ٻڏتر جو شڪار رهيا آهن، وڏين طاقتن ۾ روس، ايران ۽ ترڪي آهي پر ان گهرو ويڙهه ۾ شريڪ ٿيا، تشدد کي 10 سال ٿي چڪا آهن ۽ اتي اڃا به تشدد واري هلڪي باهه موجود آهي. نام نهاد انتهاپسند گروپ دولت اسلاميه 80 فوجي اتحادين سان فوجي ڪاميابي جي هڪ واضح ڪهاڻي آهي ته ڪهڙي طرح دولت اسلاميه جي سفاڪين ۽ ٻين کي تڪليف ڏئي خوش ٿيڻ جي خواهش ڪرڻ وارن کي ختم ڪيو ويو. ان ۾ 5 سال لڳا ۽ انهن تباهه ڪندڙ فضائي حملن تي ۽ زميني جنگ ۾ عراق ۾ ايراني حمايت يافتا ويڙهاڪن جي ڪجهه عجيب ۽ غريب اتحاد تي گهڻو ڀاڙيو، دولت اسلاميه هاڻ آفريڪا ۾ پنهنجون ڪارروايون تيز ڪري رهي آهي. شروعاتي طور تي فرانسيسي فوجي مداخلت سبب مالي جو گادي وارو هنڌ باماڪو يقيني طور تي القاعده سان لاڳاپيل جهادين جي هٿ وڃڻ کان بچايو ويو پر 8 سال گذرڻ ۽ هزارين مختلف ملڪن جي فوجين جي موجودگي باوجود اتي ڇڪتاڻ جاري آهي ۽ فرانس جي صدر مالي جي حڪمرانن سان پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪندي اتان کان واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڪري هاڻ وڏين وڏين ۽ کليل فوجي مقررين جو زمانو ناهي رهيو ته پوءِ سوال اهو آهي ته ان جي جاءِ ڪهڙي هوندي؟ برطانيا جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سر مارڪ ڪارلٽن اسمٿ جي 2 جون تي تقرير ۾ ان طرف هڪ اشارو ملي ٿو، هن چيو آهي ته اڄ جي فوج وڌيڪ نيٽ ورڪ سان جڙي گهڻي مهماتي ۽ وڌيڪ تيزي سان مقرر ٿيندڙ ڊجيٽل طور تي وڌيڪ مضبوط ۽ خاص آپريشن برگيڊ تي ٻڌل هوندي. ان جو مطلب اهو هوندو ته زمين تي گهٽ فوجي لهندا ۽ ان لاءِ مصنوعي ذهانت سميت جديد ترين ڊجيٽل تي وڌيڪ ڀاڙيو ويندو. تازين جنگن سان سامهون ايندڙ رجحانن اسٽريٽجڪ ترجيحن تي نئين سر غور ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.قفقاز ۾ آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ ٿيل مختصر جنگ ۾ ڏٺو ويو ته ڪهڙي طرح ترڪيءَ ذريعي فراهم ڪيل سستن بنا پائليٽ وارن ڊرونن جي ذريعي ٽينڪن جو خاتمو ٿي رهيو آهي ۽ آپريٽرن کي ڪنهن به قسم جو خطرو نه آهي.ڪڏهن جن فوجين کي پراڻي آفريڪي طرز جو ويڙهاڪ سمجهيو ويندو هو، هاڻ اهي واپسي ڪري رهيا آهن، هتي ان جو سڀ کان وڏو مثال روس جو ذلي ويگنر گروهه آهي، جنهن ماسڪو کي قابل قدر ترديد جي گنجائش ڏني آهي، جڏهن ته اهي ليبيا کان وٺي اولهه آفريڪا ۽ موزمبيق تائين هلندڙ تڪرارن وارن علائقن ۾ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڪم ڪري رهيا آهن، واشنگٽن ۾ قائم ايٽلانٽڪ ڪائونسل جي سينيئر فيلو ڊاڪٽر شان ميڪ فيٽ جو چوڻ آهي ته  هي هڪ رياست تي ٻڌل عالمي نظم و نسق آهي جيڪو رياستن لاءِ بنا جنگ جي راهه هموار ڪري رهيو آهي ان ۾ ڪنهن جو مقصد پرڏيهي ملڪن ۾ فوجي مشنن جو خاتمو ڪرڻ نه آهي، عراق ۾ نيٽو مشن هنگاما ٽوڙ هنڌن تي مقامي فورس کي تربيت ۽ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪندو رهندو پر افغانستان ۾ هڪ اهڙي وقت ۾ افق تان مغربي فوج جي موجودگي ختم ٿي رهي آهي جڏهن طالبان، القاعده ۽ داعش جي گڏيل خطري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت پئجي سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو