157

ڪاڇي جا مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا…؟؟؟

ليکڪ: راجا انور چانڊيو   

ملڪ ٺھڻ کان وٺي هن مهل تائين ڪاڇي واسين جي اهڙي ڏکاري زندگي ۽ عوام طرفان  مسلسل دانهون ڪوڪون ڪرڻ جي باوجود وقتي حاڪمن جي  لاتعلقي ۽ مسئلا حل نه ڪرڻ واري عمل کان پوءِ عوام به سمورا آسرا لاهي پنهنجي علائقي ڪاڇي کي دردن جي ديس جو نالو ڏئي ورهين کان دردن، ڏکن واري زندگي گُذارڻ جو عادي ٿي ويو آهي، قديم دور ۾ جڏھن ماڻھو ڪنهن ڪم ڪار، دوا دارون يا تعليم جي حاصلات لاءِ پنهنجي ڳوٺ کان ڪنهن وڏي شهر ڏانهن ايندا ويندا هئا ته صبح جو 6 وڳي ڪيڪڙن جنکي ڦادر يا مم گاڏي به چئبو هو ان جو سهارو وٺندا هئا، جيڪي واحد سواريون هونديون هيون جيڪڏھن اهي نڪري وينديون هيون ته پوءِ يا ته ٻئي ڏينهن ساڳئي ٽائيم تي ڪاڇي واسي ويندا هئا يا وري ساڳئي ڏينهن لڳ ڀڳ 15 ڪلوميٽر جو وارياسو سفر پيادل طئي ڪري ايف پي بچاءَ بند سان لڳندڙ ڪنهن شهر پهچندا هئا جتان بسن ذريعي ٻين شهر طرف ويندا هئا ۽ شام جو 5 وڳي وري واپس ڪيڪڙي تي چڙهي ڳوٺ پهچندا هئا جيڪو  انتهائي ڏکيو سفر هوندو هو، ايف پي بچاءَ بند سان جهانگارا کان جهل مگسي تائين ڪيترائي قديم شهر آهن، جن ۾ فريد آباد جي به پنهنجي الڳ سڃاڻپ آھي، فريدآباد جيڪو پيادل رستي ذريعي سنڌ-بلوچستان کي ملائيندڙ اهم شهر هجڻ ڪري تاريخي حيثيت رکندڙ آهي، اڪثر اتي ميلا متل هوندا هئا، جيڪي اڄ به آهن، فريد ڀاڳت جي نالي پويان آباد ٿيل هي شهر نامياري شاعر ورند فقير واڻيي جي جنم ڀومي پڻ آهي، ورهاڱي کان اڳ به هي شهر ڪاروباري مرڪز رهيو آهي، ناميارن ليکڪن الحاج رسول بخش ڏيري، مولانا جوهربروهي، علي دوست عاجز جو جنم شهر پڻ آهي.هن شهر جي ڀرپاسي ۾ قديم درگاھه شاھه گودڙيو، تاريخي حمل/ڪاڇڙي ڍنڍ، ماڏو، عاليوال، ڀنڀا ڏيرا، مير رند، مٿين اکڪڍائي، مارو جا ٺُل، ڪنڊو ڏيرو، گاهي خان سيلرو، گهاڙي جاگير، سعيدپور، ڳاڙھي، ڪنڊو واھه، بيتل، قائم جتوئي، خان جو ڳوٺ، چارو، سوجهرو ميرواڻي، ڇٽو ميرواڻي، موجهڙ، اعتبار چانڊيو، دوست محمد چانڊيو، ڪيهرجي، درگاھه گل شاھه سميت ٻيا ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا ڳوٺ آهن جتان جي اڪثر ماڻھن جو فريدآباد اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي پر افسوس جو تاريخي پسمنظر رکندڙ ڪاڇي جي فريدآباد شهر کي هميشه نظراندا ڪيو ويو آهي، جتي حُڪومتي ادارن طرفان اهڙو ڪو به خاطر خواھه ڪم نه ڪرايو ويو آهي، جنهن لاءِ ڪجهھ لکجي، وڏي بدقسمتي اها آهي ته فريدآباد شهر کي اڄ تائين واٽر سپلاءِ ذريعي مٺي پاڻي جي اسڪيم به نه ڏني وئي آهي، هڪ اسڪيم تازو منظور ڪئي وئي آهي پر اهابه اڃا مڪمل نٿي سگهي آهي، جڏھن ته درگاھه شاھه گودڙيو ۽ موجهڙ وغيره ۾ ته بلڪل انڌير آهي، فريدآباد-شاھه گودڙيو تائين ٽٽل ڦٽل روڊ به گيس ڪمپني جي ڪري مليو، باقي ڪل پيران دا خير وارو قصو آهي، ڪجھه مهينا اڳ ميهڙ جي سڄاڻ ڌرين طرفان ميهڙ کي ضلعو ۽ فريدآباد کي تعلقو بڻائڻ جي تحريڪ هلائي وئي، جنهن تي سنڌ حُڪومت تحرڪ وٺندي تازو ڪجهھ ڏينهن اڳ دادو کي ٽوڙي ميهڙ کي ضلعو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ ٽي تعلقا راڌڻ، سيتا ۽ ڪڪڙ ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي پر فريدآباد کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، باوجود ان جي ته ڪڪڙ شهر ٽن تعلقن دادو، ڪي اين شاھه ۽ امڪاني طور ٺھندڙ نئين تعلقي سيتا جي وچ ۾ آهي، ٽنهي تعلقن جو فاصلو به لڳ بڳ 15 ڪلوميٽر آهي پر خبر ناهي ته سنڌ حُڪومت ڪهڙي ۽ ڪنهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي جو فريدآباد کي مسلسل هر لحاظ کان نظرانداز ڪري رهي آهي، اهڙي حڪومتي عمل خلاف توڙي فريدآباد کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ فريدآباد جون سڄاڻ ڌريون مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ تازو فريدآباد کي تعلقي واري لسٽ مان ٻاهر ڪڍڻ واري عمل خلاف شهرين ۾ تاءُ پکڙيل آهي، اهي مطالبو ڪري رهيا آهن ته فريدآباد کي تعلقو بڻايو، ڇو ته هي ڪاڇي واسين جي نسلن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ڪاڇي واسين سڄي عمر رڳو ٻارين ٻچين ووٽ ڏيڻ يا درد سهڻ جو ٺيڪو ته نه کنيو آهي ان ڪري وڏي وزير سيد مراد علي شاھه کي گهرجي ته فوري طور نوٽيس وٺي  فريدآباد کي تعلقو بڻائي سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو