ايڊيٽوريل
سنڌ ۾ گرميءَ ۾ به گئس جي بحران سبب صنعتن کي گئس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، سئي سدرن گئس ڪمپني جي ترجمان مطابق نان ايڪسپورٽ صنعتن کي اڄ کان اڻڄاڻايل مدي تائين گئس بند ڪئي وئي آهي، جنرل اندسٽريز جي ڪيپٽو پاور 50 سيڪڙو بند ڪئي وئي آهي، ڪنڙ گئس فيلڊ ۾ مرمت جو ڪم هلندڙ آهي، اهو ته نان ايڪسپورٽ صنعتون آهن پر سنڌ ۾ گذريل سياري کان شروع ٿيل گئس جي لوڊشيڊنگ به اڃا ختم ناهي ٿي، حيدرآباد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ گئس عملدار رات جو ڏهين وڳي کانپوءِ گئس بند ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن سبب رڌ پچاءَ ۾ پڻ سخت ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، ٻئي پاسي ايل پي جي انڊسٽريز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ايل پي جي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايل پي جي جي پيداوار ۽ ڊمانڊ کان هڪ لک ٽن گهٽ آهي، ان لاءِ قيمت وڌيڪ وڌندي، هن چيو ته او جي ڊي سي ايل ۽ پارڪو سميت ٻين ادارن ايل پي جي جي قيمت وڌائي ڇڏي آهي ۽ ان جي فوري امپورٽ نه ڪئي وئي ته بحران سنگين ٿي ويندو. هن مطالبو ڪيو ته ايل پي جي جي امپورٽ تان سمورا ٽئڪس ختم ڪيا وڃن، هن چيو ته اسان ايل پي جي جي پاليسي 2021ع کي نٿا مڃون، مقامي ڪمپنين جي من مانيءَ سان اترين علائقن ۾ ايل پي جي 160 رپيا في ڪلو وڪامي رهي آهي. موجوده حڪومت جي پاليسي هاٿي جي ڏندن وانگر لڳي رهي آهي، جيڪي ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ وارا ٻيا هوندا آهن. هڪ طرف حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته ملڪ جي معيشت بهتر ٿي وئي آهي، هر طرف گل و گلزار لڳو پيو آهي. ملڪ ترقي جي نين منزلن تي پهچي ويو آهي، وفاقي وزير ته قومي اسيمبلي ۾ نڪ جي پڪائيءَ سان چئي رهيا آهن ته ملڪ ۾ غربت ڪٿي به نه آهي، اهي ته اها دعويٰ ڪندي به نٿا هٻڪن ته هاڻ هن ملڪ ۾ مزدور به نٿو ملي، سڀ آفيسر ٿي ويا آهن، سڀني وٽ گاڏيون آهن ۽ هن ملڪ جو هر ماڻهو لگزري زندگي گذاري رهيو آهي، جڏهن ته حقيقتون انهن دعوائن جي منهن کي آئينو ڏيکاريندي لڄي ٿي رهيون آهن. پيٽرول جا اگهه وڌڻ کانپوءِ هاڻ لڳي ٿو ته وري اهو سلسلو جتان ڇڏيو ويو هو، اتان ئي شروع ڪيو ويندو. ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته سنڌ مان سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ٿي رهي آهي، اها ٻئي ته سڄي ملڪ لاءِ آهي پر سنڌين کي گهرن ۾ رڌ پچاءَ لاءِ به گئس نٿي ملي، حيدرآباد، ڪراچي، سکر، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ گئس جو بحران حل ئي نٿو ٿئي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حيدرآباد ۾ سئي گئس عملدار شهر جي ماڻهن ۽ خاص ڪري سنڌي وسندين کان الائي ڪهڙو وير وٺي رهيا آهن، جو سخت گرميءَ ۾ به رات جو 10 ٿيندي گئس گم ٿي وڃي ٿي ۽ شهري گهرن ۾ ماني کائڻ جي لاءِ نه رڳو پريشان آهن، پر اهي هوٽلن تان مهانگي ماني وٺي کائڻ تي مجبور آهن، ٻئي طرف ايل پي جي جو مسئلو به ڪر کڻي رهيو آهي ۽ ان حوالي سان جيڪي لاڳاپيل ماڻهن جا خدشا آهن، اهي ٻڌائي رهيا آهن ته ملڪ ۾ مهانگائي جو وري نئون طوفان اچڻ وارو آهي، خزاني وارو وزير قومي اسيمبلي ۾ اعتراف ڪري چڪو آهي ته ملڪ ۾ 11 سيڪڙو مهانگائي آهي جيڪا سرڪاري سطح تي آهي، پر زميني حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته مهانگائي 25 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ته پوءِ معاشي ترقي ڪٿي پئي ٿئي؟ اسان سمجهون ٿا ته عوام کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، حڪومت کي سنڌ مان گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا عملي قدم کڻڻ گهرجن.