209

قوم معاشي خودمختياري ۽ پاڻ ڀاڙڻ کانسواءِ آزاد نٿي رهي سگهي: خواجه سعد رفيق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سعد رفيق مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان جي صورتحال تي سيڪيورٽي ادارن پاران ان ڪئميرا سيشن يا پارلياماني اڳواڻن کي بريفنگ ڏيڻ جو اهتمام ڪيو وڃي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي خواجه سعد رفيق چيو ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته موجوده قومي اسيمبلي جي حلف برداري جي موقعي تي مولانا فضل الرحمان جي ڳالهه مڃڻ گهربي هئي ۽ حلف نه کڻڻ گهرجي ها، اسان هتي آياسين ته اسان جو وجود تسليم نه ڪيو ويو. مخالف ڌر اڳواڻ جي چارٽر آف اڪانومي جي تجويز کي اين آر او نالو ڏنو ويو، هن چيو ته ڪو به قوم معاشي خودمختياري ۽ پاڻ ڀاڙڻ کانسواءِ آزاد نٿي رهي سگهي، معاشي عدم استحڪام ان وقت پيدا ٿيندو آهي جڏهن اسان مقبُول قيادت کي ديوار سان لڳائيندا آهيون، هن چيو ته هاڻي قومي اثاثا گروي رکڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ائين اسين ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ڪا به اهڙي بجيٽ جنهن سان بک ۽ بيروزگاري ختم نه ٿئي اها ناڪام بجيٽ ئي چورائيندي آهي، هن چيو ته اسان ڌرڻي هڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت نه ڪيرائينداسين، وقت اچي ويو آهي ته قومي هم آهنگي جي ڳالهه ڪريون، ڪرپشن ڪرپشن جو چورن هاڻي نه وڪجڻ وارو آهي، هن چيو ته اسان هڪٻئي جا دشمن نه آهيون، توهان مخالف ڌر سان سلام ڪرڻ ۽ سڌي منهن ڳالهائڻ لاءِ تيار به نه آهيو، ڪا به حڪومت ملڪ کي اڪيلي نٿي هلائي سگهي، هن چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال تي ان ڪئميرا اجلاس گهرايو وڃي يا پارلياماني اڳواڻن کي سيڪيورٽي ادارا بريفنگ ڏين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو