222

بجيٽ ۾ صنعتي، ڪاروباري، زرعي شعبن سميت عام ماڻهو لاءِ مراعتن جو اعلان ڪيو ويو آهي: ملڪ عامر ڊوگر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر وفاقي بجيٽ 22 -2021ع کي ملڪ جي سمورن طبقن لاءِ هڪجهڙي طور تي قابل قبول بجيٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته بجيٽ ۾ صنعتي، ڪاروباري، زرعي شعبن سميت عام ماڻهو لاءِ مراعتن جو اعلان ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان پاران آمريڪا کي اڏا فراهم نه ڪرڻ جي ڳالهه ان وقت دنيا جو ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي، موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پوري دنيا وزيراعظم عمران خان کي ماحوليات جو سفير مقرر ڪيو آهي ڇو ته وزيراعظم جي قدمن عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪيو آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ملڪ عامر ڊوگر چيو ته جهڙي طرح بجيٽ جو سيشن جاري آهي ۽ جهڙي طرح بحث اڳتي وڌايو پيو وڃي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو عملو خراج تحسين جو مستحق آهي، هن چيو ته پنهنجي سياسي زندگي ۾ وڏا وڏا بجيٽ ڏٺا پر اهڙي بجيٽ ڪڏهن نه ڏٺي، اها بجيٽ عمران خان ۽ شوڪت ترين جي بجيٽ آهي، هي انهي وزيراعظم عمران خان جي بجيٽ آهي جنهن ڪڏهن قومي مفاد تي ٺاهه نه ڪيو، وزيراعظم عمران خان آمريڪا کي فوجي اڏا نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته دنيا جو ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي، ملڪ جي معيشت اڄ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، هُنن بجلي جي منصوبن ۾ ڪروڙين اربن جي ڪرپشن ڪئي، دياميرڀاشا ڊيم لاءِ 23ارب روپيا، داسو، نيلم جهلم منصوبن لاءِ وڏي رقم مختص ڪئي وئي آهي، ماحولياتي تباهڪارين جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ لاءِ وزيراعظم 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو بڻايو، پوري دنيا کيس ماحوليات جو سفير مقرر ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو