اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو آهي ته فوڊ انفليشن جي ڪري مهانگائي وڌي آهي، وزيرن کي ماضي جي حڪومتن تي الزام لڳائڻ بدران پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ گهرجي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته اسير ميمبرن کي بجيٽ اجلاس ۾ موجود هجڻ گهربو هو، اسان کي هڪ وزير طرفان غريب نه هجڻ جي ڳالهه ٻڌي تڪليف پهتي آهي، هن غربت جي شرح جي حوالي سان هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان رپورٽ موجب ڪي پي ۽ پنجاب ۾ غربت وڌي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ڪاڪردگي جي بنياد تي شرح غربت گهٽ ٿي آهي، هن چيو ته فوڊ انفليشن جي ڪري مهانگائي وڌي آهي، اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسان غربت ڪيئن گهٽ ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي آبادگارن کي ڀارت جي آبادگارن جي برابر آڻڻ چاهيون ٿا ته کين مراعتون ڏيڻيون پونديون، جيڪڏهن زرعي شعبي کي سبسڊيز نه ڏينداسين ته حالتون بهتر نه ٿينديون، وزيرن کي ماضي جي حڪومتن تي الزام لڳائڻ بدران پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي جي باري ۾ ٻڌائڻ گهرجي.
205