اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان بجلي جا منصوبا نه لڳايون ها ته هن وقت ملڪ ۾ 12 کان 16 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ٿئي ها، جيڪڏهن ايل اين جي جا منصوبا مهانگا لڳا آهن ته اسان جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو وڃي، ٻنهي پاسن کان ڪنهن به بجيٽ دستاويز هڪ ٻئي هنيا اهو ڪنهن شخص کي نه پر جمهوريت کي هنيا ويا، ملڪ جو آئين پارلياماني، جمهوري آهي ان لاءِ صدارتي نظام جي حوالي سان ڳالهين کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏڻ گهرجي، جيڪڏهن پارليامينٽرين پاڻ ٽيڪس نه ڏيندا ته ٻين طبقن تي ٽيڪس لڳائڻ جو ڪو به اخلاقي جواز باقي نٿو رهي، سڀني جي خرچن جو رڪارڊ حڪومت وٽ موجود آهي، انهن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ شاهد خاقان عباسي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته ايوان کي هلائڻ جي حوالي سان اسپيڪر جو ڪردار انتهائي اهم هوندو آهي، هتي مُخالف ڌر اڳواڻ جي تقرير کي روڪيو ويو ۽ هن ايوان جي ميمبر اسپيڪر کي جوتو هڻڻ جي ڳالهه ڪئي، اسپيڪر ان جو ڪجهه نه ڪري سگهيو، اسان سڀني کي انهن ڳالهين تي شرمنده ٿيڻ گهرجي، مخالف ڌر جي التوا واري رٿن کي بحث هيٺ نه آندو ويو، ڪرسي عزت ناهي ڏيندي اسان ڪرسي کي عزت ڏيندا آهيون، معاملا اخلاقي برتري سان هلندا آهن، ڪتاب ٻنهي پاسن مان ڪنهن به طرفان اڇلايا ويا اهي ڪنهن ماڻهو کي نه پر جمهوريت کي هنيا ويا، جن ماڻهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو انهن مان 90 سيڪڙو ماڻهن کي هن ايوان ۾ نه هجڻ گهربو هو. ان واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڳالهه هلي ته پارلياماني نظام ختم ڪري صدارتي نظام آندو وڃي، هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ 15 سيڪڙو ساليانو کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون وڌي رهيون آهن، ناڻي واري وزير کان پڇان ٿو ته ڇا توهان اٽي، کنڊ، گيهي، پتي، کير، دالين، بجلي، گئس ۽ پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪري سگهو ٿا، هن چيو ته سرڪاري ملازمن جو اسان تي حق وڌيڪ آهي ڇو ته اهي اسان جا ملازم ۽ اسان جي ذميداري آهي، ان مهانگائي ۾ کين ايڊهاڪ رليف ڏنو پيو وڃي، ان 10 سيڪڙو اضافي سان ڪلاس فور جي ملازمن جي پگهارن ۾ جيڪو اضافو ٿيندو اهو بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي نظر ٿي ويندو، هڪ وڏي تعداد ۾ سرڪاري ملازم غربت جي لڪير کان هيٺ هليو ويو آهي، پهريون ڀيرو اها ڳالهه ٻڌي ته واڌ جي شرح غربت سان ايندي آهي. اهو معيشت جو نئون تصور سامهون آيو آهي، روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ ناڻي واڌ سان اسان جو دفاعي بجيٽ 30 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي، هن چيو ته روينيو جو هدف 5800 مقرر ڪيو ويو آهي ان لاءِ حڪومت کي 500 کان 600 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻا پوندا. هن چيو ته اسان پهريون ڀيرو ٻڌو آهي ته ملڪ ان ڊائريڪٽ تيڪسن سان هلندا آهن جيڪو درست نه آهي، وڏا وڏا باثر ماڻهو ۽ هن ايوان جا ميمبر ٽيڪس ناهن ڏيندا، گزٽ آف پاڪستان ۾ صرف پارليامينٽرين جي ٽيڪس جا تفصيل شايع ڪيا ويندا آهن جيڪا پارليامينٽ پاڻ ٽيڪس نه ڏيندي هجي ان وٽ ٻين طبقن تي ٽيڪس لڳائڻ جو ڪو به اخلاقي جواز باقي نٿو رهي. حڪومت وٽ سڀني جي خرچن جو رڪارڊ موجود آهي انهن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته 2018ع ۾ اسان جي ڪمائي 313 ارب هئي هاڻي 296 ارب آهي، ملڪ جا قرض ٻيڻا ٿي ويا آهن، جيڪڏهن اسان جا فصل بمپر ٿيا آهن ته ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڇو ڏني وئي آهي، ڪپهه درآمد به رڪارڊ سطح تي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن بمپر فصل ٿين ٿا ته کنڊ ۽ اٽي جون قيمتون هيٺ اچي وينديون آهن، هن چيو ته جڪڏهن اسان غلط بياني وڌيڪ ڪندا آهيون ته اسان پاڻ کي ئي ان تي يقين اچڻ شروع ٿي ويندو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ايل اين جي ٽرمينل مهانگا ٿي ويا آهن ته ڪيس داخل ڪرايو، 11 جون بجيٽ واري ڏيبنهن گرمي وڌيڪ هئي، ان ڏينهن ملڪ ۾ بجلي جي گهرج 27 هزار هئي ۽ پيداوار 24 هزار ميگاواٽ هئي، ان ڏينهن به اسان جي هائيڊل، نيوڪلر ۽ ٻيا لڳايل پلانٽس جي 3200 ميگاواٽ بجلي هلي رهي هئي، 10 هزار ميگاواٽ جيڪڏهن سسٽم ۾ شامل نه ڪريون ها ته 12 کان 16 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ٿئي ها.
193