اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پاڪستان فني گهرجون پوريون ڪري چڪو آهي، پاڪستان کي هاڻي وڌيڪ گري لسٽ ۾ رکڻ جو ڪو جواز نٿو رهي. اربع ڏينهن ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ايف اي ٽي ايف هڪ ٽيڪنيڪل فورم آهي، ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پاڪستان فني گهرجون پوريون ڪري چڪو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسانکي 27 ايڪشن آئٽمز ڏنا ويا جن مان 26 تي ڪم مڪمل ڪري چڪا آهيون جڏهن ته ستاويهين نڪتي تي پڻ ڀرپور ڪم ٿي چڪو آهي، ان صورتحال ۾ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ جو ڪو جواز باقي نٿو رهي. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن پاڪستان تي رڳو هڪ تلوار لٽڪائڻ جو مقصد آهي ته اها ٻي ڳالهه آهي. ڏسون ٿا ته پليمري اجلاس ۾ ڇا فيصلو ٿئي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ان فورم کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت کي ان فورم جي سياسي استعمال جي اجازت نه ملڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان کي وڌيڪ گري لسٽ ۾ رکڻ نامناسب هوندو، پاڪستان عالمي راءِ ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي اهم فيصلا ڪيا ۽ ٻين ملڪن کي اعتماد ۾ ورتو جڌهن ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي سطح تي مختلف ملڪن جي قيادت سان رابطا ڪيا، جيڪا قانون سازي گهربل هئي اها اسان ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جو مالي سهڪار روڪڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته گري لسٽ جو تحفو اسانکي ورثي ۾ مليو، اسانجي حڪومت اچڻ کان اڳ پاڪستان گري لسٽ ۾ وڃي چڪو هو، پر اسان پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ دنيا اعتراف ڪري رهي آهي ته اهڙا ٺوس قدم پاڪستان ۾ اڳ ۾ ڪنهن حڪومت ناهن کنيا. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي نظر ۾ پاڪستان ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪري چڪو آهي، پرڏيهي وزرات پنهنجو واضح موقف پيش ڪري چڪي آهي ۽ ڪيترائي ملڪ پاڪستان جي موقف کي تسليم پڻ ڪري چڪا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته چاهيون ٿا ته پاڪستان گري لسٽ مان نڪري وائٽ لسٽ ۾ اچي وڃي.
