لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي جوهر ٽائون بلاڪ اي ۾ زوردار ڌماڪي جي نتيجي 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪي کان فوري پوءِ ريسڪيو 1122 سميت سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ۽ ٽريفڪ پوليس لاهور جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. ريسڪيو ترجمان مطابق شروعاتي طور تي ڌماڪي جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو. هن ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ 4 ماڻهن کي جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته 6 معمولي زخمين کي واقعي واري هنڌ شروعاتي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو.
220