اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد لاهور جي جوهر ٽائون ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان مطابق گهرو وزير شيخ رشيد ڌماڪي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي، وفاقي ادارا تحقيق ۾ پنجاب حڪومت جي مدد ڪري رهيا آهن.
113