لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ پاليسي بابت کنيل قدمن تي رپورٽ داخل ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي جولاءِ جي ٻئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم اظهر صديق ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ پاليسي ترتيب نه ڏيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي. درخواست ڏيندڙ وڪيل موقف اخيار ڪيو ته سڄي دنيا ۾ اليڪٽرڪ گاڏيون متعارف ڪرايون پيون وڃن پر ملڪ ۾ انهن گاڏين بابت اڃان پاليسي سامهون ناهي آئي، اظهر صديق ايڊووڪيٽ اهو نڪتو اٿاريو ته ڪجهه معلوم ناهي ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گيڏين جي چارجنگ ڪيئن ٿيندي. ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ان حوالي سان 2019 کان ڪم ڪري رهي آهي، ان حوالي سان ڪم جاري آهي. ٽيڪس، ڊيوٽي ۽ پاليسي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عدالت کان درخواست آهي ته وفاقي حڪومت جو تفصيلي جواب داخل ڪرائڻ جي مهلت ڏني وڃي. عدالت سرڪاري وڪيل جي مهلت جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي جولاءِ جي ٻئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
198