ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ ڊمپر جي وائرنگ جو ڪم ڪرڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. تفصيل مطابق ڪراچي جي اورنگي ٽائون جي الطاف نگر واري علائقي ۾ هڪ ڊمپر ۾ اليڪٽرڪ جو ڪم ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 30 ورهين جو جسم الله پٽ مير نواز فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي ڇيپا جي رضا ڪارن فوتي جي مڙهه کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
137