137

پي ايس ايل جو فائنل اڄ ملتان سلطانز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏيو ويندو

ابو ظهبي  (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جو فائنل (اڄ) ملتان سلطانز ۽ پشاور زلمي جي ٽيمن وچ ۾ شيخ زيد اسٽيڊيم ابو ظهبي ۾ کيڏيو ويندو. ملتان سلطانز ڪواليفائر ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو فائنل ۾ جاءِ ٺاهي آهي. پشاور زلمي ايليمنيٽر 1 ۾ دفاعي چيمپيئن ڪراچي ڪنگز جڏهن ته ايليمنيٽر 2 ۾ ٻه ڀيرا جي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽڊ کي شڪست ڏئي چوٿون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو